91

بورڊن کي 50 ڪروڙ ڏيڻ جي سمري ناڻي کاتي کي اماڻي آھي: اسماعيل راهو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو چيو آھي ته سنڌ حڪومت سڀني بورڊز کي 50 ڪروڙ ڏيڻ جي سمري ناڻي کاتي کي اماڻي ڇڏي آھي، جيڪي جلد جاري ڪيا ويندا، سنڌ حڪومت ھلندڙ سال 2 ارب رپين جي الوڪيشن 11 ۽ 12 جي امتحاني بورڊز لاءِ رکيا آھن، اسماعيل راھو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال بورڊز کي ھڪ ارب 6 ڪروڙ رپين جي رقم رليز ڪئي ھئي، باقي ڏيڍ ارب جي رقم به جلد بورڊز کي جاري ڪئي ويندي،صوبائي وزير جو چوڻ ھو ته بورڊزکي ھدايت ڪئي وئي آھي ته اھي پنھنجا ڪليمز جا تصديق ٿيل تفيصل جلد کان جلد کاتي کي فراھم ڪن، تمام بورڊز جي ملازمن جي پگھارن جو معاملو جلد حل ٿي ويندو، اسان نٿا چاھيون ته بورڊز ۾ پگھارن سبب بحران رھي،جلد مسئلو حل ڪيو ويندو، يارھين ۽ ٻارھين جماعت جا رزلٽ جلد جاري ڪيا ويندا. ھن چيو ته ڪورونا سبب امتحاني پرچن جو بار بار ملتوي ٿيڻ به نتيجن ۾ دير جو سبب بڻيو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو