توشاخانا ڪيس: مشرف به چاهيندو هو ته بينظير ڀٽو پارٽي هيڊ نه هجي: کوسو
اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه فوجداري ڪيس جو فيصلو معطل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ جي باني جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي سزا معطلي واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. وڪيل سردار لطيف کوسا چيو ته حيران آهيان ته اليڪشن ڪميشن ان حد تائين وڃي سگهي ٿي، سندن انا کي سڪون ملندو، پي ٽي آءِ باني هاڻي پارٽي سربراهه ناهي رهيو. هن چيو ته مون کي ياد آهي ته پرويز مشرف جي به خواهش هئي ته نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو پارٽي هيڊ نه هوندا، نواز شريف جاويد هاشمي کي صدر ۽ پ پ مخدوم امين فهيم کي صدر بڻايو هو. پي ٽي آءِ جي وڪيل سردار لطيف کوسا چيو ته مون پنهنجي دليلن ۾ واضح چيو هو ته سزا جو فيصلو معطل ڪيو وڃي، ٿي سگهي ٿو لکت ۾ رهجي ويو هجي، جاويد هاشمي جي ڪيس ۾ سزا ۽ فيصلو معطل ڪرڻ جي ڳالهه ٿي آهي، سپريم ڪورٽ جي جن 3 ججن فيصلو ڏنو، انهن ٽنهي کي چيف جسٽس ٿيڻو آهي، انهن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو هو ته سزا سان فيصلي جي معطلي به ٿيندي آهي، مان رڪارڊ تي چيو هو ته سزا سان فيصلو به معطل ڪريو. بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه فوجداري ڪيس جو فيصلو معطل ڪرڻ واري پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. |
ڄاڻيو هن رپورٽ ۾