147

سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي اڳواڻ ڀائو قمر ڀٽي…

ليکڪه:  سوڀ قمر ڀٽي

 سنڌ ڌرتي سدائين جوڌن جوانن کي جنم ڏنو آهي، انهن عظيم ڪردارن جي فهرست ۾ قمر ڀٽي  ايڊووڪيٽ جو نالو پڻ سر فهرست آهي. موهن جي دڙي جي مٽي مان جنم وٺندڙ سنڌ ڌرتي جي پٽ قمر ڀٽي جو جنم 21 هين جنوري 1958ع تي سنڌ جي شهر باڊهه ڀرسان ٿيو. اهو باڊهه جيڪو اڄ هن عظيم شخصيت جي ڪري ڀائو قمر جو شهر سڏيو ويندو آهي. قمر ڀٽي هڪ تاريخ جو نالو آ. هو هڪ منفرد انسان ۽  ھڪ سچو سنڌ پرست جوڌو جيڪو سڄي عمر همٿ، بهادري ۽ مستقل مزاجي سان اسڪولي زماني کان ساهه جي آخري هڏڪي تائين پنهنجي نظريي تي ثابت قدم رهيو ۽ سيد جو پيغام سڄي دنيا تائين پهچايو. ڀائو سائين جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي ۽ سائين جي ايم سيد جي اعتماد وارن اڳواڻن مان هو، سنڌ سان عشق جي پاداش ۾ هن مرد مجاهد تي ڪيئي الزام لڳا، پر ھو ڪڏهن به دل شڪسته نه ٿيو، هن سڄي ڄمار بنا لوڀ لالچ جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري ڪڏهن قلم جي ذريعي ته ڪڏهن وري وڪالت جي پورهئي سان سنڌي ماڻهن جي ترجماني ڪئي، قمر ڀٽي قومپرست سياست ۾ پنهنجي جواني ۽ جوڀن جا 14 سال جيل ۾ گذاريا، 2 ڀيرا سنڌ يونيورسٽي مان ريسٽريڪيٽ ٿيو، آمريت واري دور ۾ 23 سالن جي عمر ۾ پنهنجي جسم تي 30 ڪوڙا (ڦٽڪا) کاڌا پر مقصد تي اٽل ۽ ثابت قدم رهيو. ڀائو قمر ڀٽي هڪ سٺي سياستدان سان گڏ، هڪ قومپرست ڏاهو، قانوندان، اديب، لطيف جو پارکو پڻ هو، کيس شاهه جو رسالو حفظ ٿيل هو. هن پنهنجي حياتي ۾ اٽڪل 20 ڪتاب لکيا جنهن ۾ ”سائين جي ايم سيد جي سياسي ۽ ذاتي زندگي“، ”ايم آر ڊي تحريڪ“ ”سنڌ جا تعليمي ادارا يا جيل“، ”ڦٽڪن لڳڻ جو ڏينهن“، ”سندهيون پر ستم ڪب تڪ“، ”محڪوم ملزم حاڪم جج“،  ”قمر ڀٽي جون تحريرون ۽ تقريرون“، ”سڀاش چندر بوس“ وغيره. شاعري جا ڪتاب ”گيت به منهنجا گوليون“ ، ”هند ۾ جلا وطن سنڌي“ شامل آهن. هن نور نچوئيو پنهنجي قلمي پورهئي ۽ شاعري ۾ پڻ سنڌ جي ترجماني ڪئي آهي، سنڌ جي حفاظت ۽ دفاع ۾ قمر ڀٽي جو ڪردار نمايان آهي، سنڌ خلاف جڏهن به ڪا سازش ٿي ته پهريان قمر ڀٽي آواز اٿاريو، سنڌ تي ڪڏهن وار ٿيو ته هن مرد مجاهد همٿ ۽ بهادري سان سازشن جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي دشمن کي شڪست ڏني. ون يونٽ واري جدوجهد، ايم آر ڊي تحريڪ، ٻٽي نظام جي خلاف، سنڌ ڌرتي تي ڌارين جي يلغار، ڪالا باغ ڊيم خلاف، عدليه جي آزادي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، بي ڏوهي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي، ڌرتي ڌڻين جي دردن جو درمان بڻيو، سنڌ جا ڪيس قانوني ويڙهه وڙهيو، هن مرد مجاهد وڏي همٿ ۽ بهادري سان سنڌ جي هر اشو تي پاڻ ملهايو، هر لالچ خوف ۽ ظلم کي شڪست ڏنائين، هن پنهنجي دل ۾ صرف هڪ ئي محبت سمائي ۽ اها صرف سنڌ ڌرتي جي محبت آهي جيڪا قمر ڀٽي جي سيني ۾ ڌڙڪندي رهي. مان اهو يقين سان چوان ٿي ته هو سنڌي قوم جو همدرد ۽ جاکوڙي ڪردار هو، قمر ڀٽي سڄي عمر جدوجهد ڪندي گذاري سنڌي ماڻهن جي حقن لاءِ ڏينهن رات مسلسل جدوجهد ۾ رهي ماروئڙن جي خدمت ڪئي. جسقپ جو بنياد وڌو ان تان ۽ ان جي ڊيلي فرنٽس تان قمر ڀٽي سنڌ جي خوشحالي، آجپي ۽ سنڌ جي بقاءَ لاءِ سڄي زندگي قربانيون ڏنيون ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي، مستقل مزاجي سان عمل پيرا رهيو، سنڌ جي تاريخ ۾ هن دلير پٽ مرد مجاهد سنڌ جي عاشق کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو. تاريخ ۾ قمر ڀٽي جو نالو سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو، سندس جدوجهد ۽ ڏنل قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.

24 مارچ 2018ع رات جو تقريبن 9 وڳي هن هميشه لاءِ الوداع ڪيو، اڄ بابا سائين قمر ڀٽي جي وڇوڙي کان پوءِ هي سندس ٽيون جنم ڏينهن آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي سندس 63 هين سالگرهه آهي،  جيڪو سندن جي غير موجودگي ۾ ان جي ساٿين, دوستن, عزيزن, سياسي سماجي اڳوڻن سان ملهائي کيس قومي سلام پيش ڪري ڀيٽا ڏني ويندي پر سندن وڇوڙي وارو خال ڪڏهن به ڀرجڻ وارو نه آهي. مون کي فخر آهي ته آئون سنڌ جي بهادر قومپرست، ارڏي پُٽ، اصول پرست عظيم انسان قمر ڀٽي ايڊووڪيٽ جي نياڻي آهيان. آئون وچن ٿي ڪريان ته پنهنجي بابا سائين جي نقش قدم تي هلي ان جي ڇڏيل مشن کي اڳتي وڌائينديس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو