106

سنڌ هاءِ ڪورٽ آبپاشي کاتي کي ماڻھن جا اجها ڊاهڻ کان روڪي ڇڏيو، متاثرن کي متبادل جاءِ ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آبپاشي کاتي کي ماڻھن جا اجها ڊاهڻ کان روڪيندي متاثرن کي متبادل جاءِ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آبپاشي کاتي پاران ايريگيشن جي زمين تي ٿيل اڏاوتون ڊاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ غريبن جا اجها ڊاهڻ کان اڳ ڪمرشل اڏاوتون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي  آبپاشي کاتي جي آپريشن دوران متاثر ٿيندڙ ماڻهن کي متبادل جاءِ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته ڪمرشل اڏاوتون ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر غريبن جا گهر تباهه ڪيا پيا وڃن، ڇا بي گهر ٿيل متاثر معصوم ٻار کڻي روڊن تي اچن؟ ماڻهو سمجهندا ته عدالتي حڪم تي سندن گهر ڊاٿا پيا وڃن، غريبن جا گهر ڊاهڻ کان اڳ کين متبادل جاءِ ڏني وڃي. عدالت سنڌ حڪومت کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 8 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو