ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب جاچ جي طريقيڪار بابت قاعدا ۽ ضابطا جوڙڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران نيب پاران رولز بابت پيش ڪيل رپورٽ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي قانون واري وزارت کي 29 سيپٽمبر تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، ڪالهه ٻڌڻي دوران نيب رولز جوڙڻ بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، ان موقعي تي درخواستگذار ايڊووڪيٽ طارق منصور عدالت کي ٻڌايو ته نيب گذريل ٻڌڻي تي رولز تيار ڪري صدر پاڪستان کي موڪلڻ لاءِ چيو هو پر اڄ وري قانون واري وزارت کي موڪليل ڊرافٽ پيش ڪيو آهي، هن چيو ته نيب عدالت کي گمراهه ڪري رهيو آهي ۽ غلطي بياني ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي نيب جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ڊرافٽ ايوان صدر موڪليو هو ۽ صدر مختلف وزارتن کان راءِ طلب ڪئي هئي. قانون واري وزارت ۽ گهرو کاتي ڪجهه تحفظات جو اظهار ڪيو هو جنهن کان پوءِ نيب رولز ٻيهر ڊرافٽ ڪري قانون ۽ گهرو وزارت کي موڪليا ويا آهن پر اڃا تائين جواب نه مليو آهي. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب رولز ٺاهڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪري رهيو آهي ۽ نيب ڪيترن ئي سالن کان بنا رولز ٺاهڻ جي ڪم ڪري رهيو آهي. نيب آرڊيننس جي شق 34 تحت رولز ٺاهڻ لازمي آهن پر گذريل 20 سالن کان نيب بنا قانون جي هلي رهيو آهي.
