ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ اسسٽنٽ ڪليڪٽر جو امتحان نه ڏيندڙ ڪامورن کي عهدن تان ھٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. مڪاني ادارن واري کاتي جَي موجودا اسپيشل سيڪريٽري چراغ الدين هنڱورو، بورڊ آف روينيو جي موجودا ميمبر مخدوم شڪيل الزمان به ڪليڪٽر جو امتحان نه ڏنو هو، امتحان نه ڏيندڙن ۾ اسڪول ايجوڪيشن جو ايڊيشنل سيڪريٽري غلام حيدر مڱريو، ڊي سي مٽياري غلام حيدر چانڊيو، بورڊ آف روينيو جو سيڪريٽري عزيز احمد برلاس، نارٿ ناظم آباد جو اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالفهيم خان، ايڊيشنل سيڪريٽري ڪاليجز ڪامران شمشاد، گهرو کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري محمد بابر قدير، سنڌ فوڊ اٿارٽي جو ڊي جي امجد علي لغاري، ڊائريڪٽر ايس ايس اينڊ ايل آر روينيو محمد اسلم کوسو به شامل آهي. سکر جَي ريجنل روينيو آفيسر سڪندر علي خشڪ، انساني حقن واري کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري امتياز راڄپر، هيومن سيٽليمنٽ واري کاتي جَي ڊپٽي سيڪريٽري محمد حسين گهمرو ۽ غذائي قلت جَي خاتمي واري پروگرام جَي ڊپٽي پروگرام ڪو آرڊينيٽر شهزاد طاهر ٿهيم سميت 52 کان وڌيڪ سرڪاري عھدن تي ويٺل ڪامورن اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي امتحان ۾ نه ويٺا هئا.
