113

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران تعليمي سڌارن بابت ماهرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور تي ٻڌل ڊويزن بئنچ سنڌ ۾ تعليمي سڌارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران تعليمي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ ۽ سنڌ ۾ قائم 340 ڪاليجن ۾ شاگردن کي 16 سالا ڊگري ڏيڻ واري معاملي کي ٽن مهينن ۾ فائينل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڏيندي چيو آهي ته بي ايس ايسوسيئيٽ ۾ جيڪي شاگرد ايڊميشن وٺي چڪا آهن اهي پنهنجي تعليم جاري رکندا پر هاڻ ڪا به نئين ايڊميشن نه ٿيندي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه سنڌ ۾ تعليمي سڌارن بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت تعليمي ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪميٽي ڪاليجن ۾ يونيورسٽين جهڙيون سهولتون فراهم ڪرڻ بابت رهنمائي ڪري. عدالت چيو ته هر شاگردن کي سندس ڊسٽرڪٽ ۾ يونيورسٽي جهڙي تعليم فراهم ڪئي وڃي. عدالت صوبي ۾ قائم 340 ڪاليجن ۾ شاگردن کي 16 سالا ڊگري ڏيڻ جي هدايت ڪندي ٽن سالن ۾ سمورن ڪاليجن ۾ 16 سالا ڊگري پروگرام شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته پهرين مرحلي ۾ 60 ڪاليجن ۾ شاگردن کي داخلا ڏني وڃي. جسٽس صلاح الدين پنهور پڇيو ته جيڪڏهن گريجوئيٽ جي ڊگري کي 16 سالن تائين کڻي وڃو ته ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اينديون؟ عدالت چيو ته يونيورسٽي پنهنجا پئسا ڪمائڻ لاءِ ڊپلو ڏئي ڇڏيندي آهي. عدالت تعليم کاتي جي سيڪريٽري کان پڇيو ته اوهان ٻارڙن سان فراد ٿيڻ ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ عدالت چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته ڪنهن سان فراڊ نه ٿئي. عدالت تعليم واري سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته 40 سالن کان اهو فراڊ هلي رهيو آهي اها چوري يا فراڊ اوهان ڪڏهن ختم ڪندا؟ ان موقعي تي سيڪريٽري يونيورسٽيز اينڊ بورڊز عدالت کي ٻڌايو ته سڀني يونيورسٽيز کي لکي ڇڏيو آهي ته ٻه سال بي ايس پروگرام ۾ ڪنهن کي به ايڊميشن نه ڏني وڃي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته 340 ڪاليج آهن انهن کي يونيورسٽين ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو ڇو ته هر ڪو حيدرآباد ته نه ٿو اچي سگهي انهن وٽ ڀاڙو به نه هوندو. عدالت ٽن مهينن دوران ڪاليجن ۾ 16 سالا ڊگري ڏيڻ واري معاملي کي فائنل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته بي ايس ايسوسيئيٽ ۾ جيڪي شاگرد ايڊميشن وٺي چڪا آهن اهي پنهنجي تعليم جاري رکندا پر هاڻ ڪا به نئين ايڊميشن نه ٿيندي. عدالت 60 ڪاليجن ۾ 16 سالا ڊگري پروگرام شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت سيڪريٽري ڪاليجز کي هدايت ڪئي آهي ته ٽن سالن ۾ سڄي سنڌ جي ڪاليجن ۾ 16 سالا ڊگري پروگرام شروع ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو