30

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جوابدار جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ شهري کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ماتحت عدالت پاران جوابدار جهانزيب کي ٻڌايل موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل جوابدار پاران داخل ڪيل اپيل جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو، ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته سيشن عدالت 2019ع ۾ جوابدار جهانزيب کي موت جي سزا ٻڌائي هئي، جوابدار 2 فيبروري 2013ع تي 22 سالن جي ملڪ سعيد کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته جوابدار جا ساٿي جاويد ۽ فاروق اڃا تائين مفرور آهن، پراسيڪيوٽر موجب جوابدار ۽ مقتول شاهنواز ڀٽو ڪالوني جا رهواسي هئا ۽ معمولي ڳالهه تي ڪاوڙ ۾ اچي جوابدار فائرنگ ڪئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو