493

آرٽس ڪائونسل ڪراچي کي دبئي، ابوظھبي ۽ شارجا ۾ ثقافتي پروگرامن جو حصو بڻائڻ لاءِ گڏجاڻي ڪندس

آرٽس ڪائونسل ڪراچي کي دبئي، ابوظھبي ۽ شارجا ۾ ثقافتي پروگرامن جو حصو بڻائڻ لاءِ گڏجاڻي ڪندس

ڪراچي: گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميثي چيو آھي ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي کي دبئي ابوظھبي ۽ شارجا ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن جو حصو بڻائڻ لاءِ ھڪ الڳ گڏجاڻي ڪندس، اھڙن خيالن جو اظھار ھن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران جاري سورھين عالمي اردو ڪانفرنس جي موقعي تي ساڻس ٿيل ملاقات ۾ ڳالھائيندي ڪيو،ملاقات جي ميزبان عظمي الڪريم ھئي. بخيت عتيق چيو مان 2002 کان ڪراچي ۾ رھيل آھيان زلزلي ۽ ٻوڏ ۾ ڪم ڪيو آھي ، گڏيل عرب امارتن جو باني شيخ زائد پاڪستان سان محبت ڪري ٿو، پاڪستاني مھمان نواز آھن مون کي اھو محسوس ٿيندو آھي ته مان پنھنجي ملڪ ۾ آھيان ، ھن چيو ته ٻنھي ملڪن جي ثقافت ۾ ڪافي ھڪجھڙائي آھي نوجوانن ۾ انگريزي ٻولي جو رجحان آھي اردو تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. ھن چيو ته تھوارن تي پنھنجي قومي لباس کي اھميت ڏيڻ گھرجي ، ھن چيو ته عمارات  ۾ صحت آئي ٽي ۽ بئنڪنگ جي شعبي ۾ وڏو ڪم آھي پاڪستاني با صلاحيت آھن پر عمارات ۾ ڪاروبار ۽ روزگار لئہ کين عربي سکڻ گھرجي  مان خود به عربي ٻوليء جا ڪلاس وٺڻ ٿو چاھيان ، ھن چيو ته آرٽس ڪائونسل جي ذريعي وڏي انگ ۾ ڪتاب گڏيل عرب عمارتن ڏانھن موڪليا پيا وڃن  ۽ اردو ڪتابن جو عربي ۾ ترجمو ڪرايو ويندو. پاڪستان ۽ سنڌ جي ثقافت تي به ڪتابن جا عربي ۾ ترجما ڪرايا ويندا.
 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو