ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل شهرين جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل نين درخواستن جي ٻڌڻي دوران گهرو کاتي جي سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري گم ٿيل شهرين ذيشان احمد، ارشاد علي، افنان، عمير ۽ ٻين کي 29 سيپٽمبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽيز کان پڻ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل شهرين جي بازيابي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ شهرين جو پتو لڳائڻ لاءِ جي آءِ ٽيز جي سفارشن تي به عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي عدالت گم ٿيل شهرين جو معاملو صوبائي ٽاسڪ فورس آڏو رکڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گم ٿيل شهرين جو جلد کان جلد پتو لڳايو وڃي.
