223

سنڌ يونيورسٽيءَ جون گاڏيون ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳيون، ملازم پاران شڪايت واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جون گاڏيون ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳيون آهن، اهڙي نشاندهي واري وڊيو يونيورسٽيءَ جي ملازم سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ يونيورسٽي جي ملازم پاران سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو ۾ هڪ وين ڏيکاري وئي، جنهن ۾ ملازم شڪايت ڪندي چئي رهيو آهي ته هي ائناٽيڪل ڪئمسٽري جي گاڏي آهي، جيڪا  ٻن ڏينهن کان گم هئي، جيڪا ماضي ۾ به ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿيندي رهي آهي. ملازم جو وڌيڪ چوڻ هو ته  هي گاڏي اڳوڻو وي سي فتح محمد برفت،  سينٽر جو ڊائريڪٽر شهاب الدين ميمڻ ۽ سيوا صدر محمد علي گهانگهرو استعمال ڪندا رهيا آهن، ان کانسواءِ يونيورسٽي جون ٻيون گاڏيون به اهڙي ريت ذاتي مفادن لاءِ استعمال ٿين پيون، جنهن جي ڪا به آڊٽ ناهي. جاري ڪيل وڊيو ۾ ملازم الزام مڙهيندي چيو ته  سيوا اڳواڻ محمد علي گهانگهرو، سهراب برفت ۽ يار محمد لغاري هن وين کي 2 ڏينهن پاڻ وٽ رکيو، هو ذاتي مفادن لاءِ ملازمن کي استعمال ڪندي اداري کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن. ملازم سنڌ يونيورسٽي جي نئين مقرر ٿيل وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر صديق ڪلهوڙو کان مطالبو ڪيو ته اداري جون گاڏيون ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري يونيورسٽيءَ جي اثاثن کي لٽجڻ کان بچايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو