266

سنڌ يونيورسٽي جي آفيشل ويب سائيٽ کي هندستاني هيڪرن هيڪ ڪري ڇڏيو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي آفيشل ويب سائيٽ کي هندستاني هيڪرن هيڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڪمزور سيڪيورٽي پاس ورڊ لڳائڻ سبب ڀارتي ھيڪرن آرام سان سنڌ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ کي ھيڪ ڪري ويب سائيٽ تي هندستاني جهنڊو لڳائي مختلف نعرا لکي ڇڏيا آهن. سنڌ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ ھيڪ ٿيڻ کانپوءِ يونيورسٽي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ داخلائن لاءِ آن لائن درخواستون ڏيڻ سميت سمورو ڪم ٺپ ٿي ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي آءِ ٽي شعبي جا 23 ماهر ويب سائيٽ بحال ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان نادر مغيري معاملي کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي ويب سائيٽ بحال هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو