50

سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻي کي ڪورونا وائرس جي تصديق

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻي کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي. ميٿاميٽڪس شعبي جي پهرين سال جي شاگردياڻي جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ  هاسٽل انتظاميه شاگردياڻي کي هاسٽل مان موڪل ڏئي وارثن سان گڏ گهر موڪلي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان شاگردياڻي کي ڪورونا وائرس ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا  شاگردياڻي جي ڪمري کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽  سڄي هاسٽل جي صفائي ڪرائي پئي وڃي. ٻئي پاسي ماروي هاسٽل جي پرووسٽ وحيده بانو جو چوڻ آهي ته  هاسٽل جون ٻيون شاگردياڻيون محفوظ آھن. جن جون ٽيسٽون نيگيٽو آيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو