ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا يونيورسٽيءَ کي پهرين فيبروري تي کولڻ جو اصولي فيصلو ڪندي مرحليوار امتحان وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي سيمينار ۽ واءِ واز آن لائن وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت هيٺ تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ ۽ سيمسٽر امتحانن بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پي وي سيز، ڊينز، ڊائريڪٽرز، چيئرپرسنز ۽ انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ استادن جي سيٽ تي چونڊيل سينڊيڪيٽ جا ميمبر به خاص دعوت تي شامل ٿيا. اجلاس ۾ ڪئمپس تي تعليمي سرگرميون شروع ڪرائڻ ۽ سيڪنڊ سيمسٽر جي امتحانن بابت تفصيلي غور ويچار کانپوءِ اصولي فيصلو ڪيو ويو ته پھرين فيبروري کان يونيورسٽي کولي ويندي. اجلاس ۾ ڪيل فيصلي تحت ڪورونا جي پيش نظر استاد توڙي شاگرد ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرڻ جا پابند ھوندا ۽ ڪلاسن ۾ فيس ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو، جڏهن ته امتحان پڻ مرحليوار وٺڻ جو فيصلو ڪندي پھرين مرحلي ۾ فائنل ايئر جي سمورن بئچن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان امتحان وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو. اجلاس ۾ فائنل ايئر جي شاگردن کي فيبروري جي پھرين ھفتي ۾ يونيورسٽي گھرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جو چوڻ هو ته امتحان کان اڳ فائنل ايئر جا شاگرد استادن سان ميل جول ۽ پراجيڪٽس بابت رھنمائي وٺي سگھندا. اجلاس ۾ سيمسٽر امتحانن جو شيڊيول / ٽائيم ٽيبل جاري ڪرڻ لاءِ ھڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ سمورن ڊينز ۽ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر کي شامل ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي سيمينار ۽ واءِ واز آن لائن وٺڻ تي پابندي لاڳو ڪندي يڪراءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته سمورا سيمينار ۽ زباني امتحان فزيڪل ٿيندا.
