171

سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر علي نواز ڦلپوٽو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو، مقررن پاران لفظن جي ڀيٽا پيش

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سنڌ جي نامياري آرٽسٽ پروفيسر علي نواز ڦلپوٽو جي ياد ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.  سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين جي مين آڊيٽوريم ۾ رٿيل تعزيتي ميڙاڪي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي جي اڳوڻي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم، آرٽس فيڪلٽي جي هاڻوڪي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمود مغل، سوٽا جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، انسٽيٽيوٽ آف آرٽ آرٽ اينڊ ڊزائين جي ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد منگي، پروفيسر نعمت الله خلجي، پروفيسر غلام قادر خاصخيلي، پروفيسر نادر علي جمالي، پروفيسر حسام ميراڻي، پروفيسر سيد مخمور بخاري، پروفيسر علي نواز ڦلپوٽو جي فرزند اعجاز ڦلپوٽو، امداد کوسو ۽ ٻين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پروفيسر علي نواز ڦلپوٽو سان گهاريل پنهنجون پنهنجون يادگيريون ونڊيون ۽ ان جي شخصيت ۽ فن تي روشني وڌي. مقررن چيو ته پروفيسر ڦلپوٽو پنهنجي ڪم سان پيار ڪندڙ هو، شفيق استاد، والد ۽ رهنما هو، عزت ڏيندڙ هو ۽ اهوئي سبب آهي جو کيس هر هنڌ عزت ملي، جيڪا هر ڪنهن استاد کي ملڻ گهرجي، استاد آفاقي هستي هوندو آهي، استاد پنهنجي سلڇڻن شاگردن ذريعي ياد رکيو ويندو آهي، پروفيسر علي نواز ڦلپوٽو اعليٰ قدرن جو مالڪ هو، هن پنهنجي ذاتي ڪتابن جو وڏو ذخيرو انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائين کي تحفي طور ڏنو، ادارن کي گهرجي ته سندس فن کي محفوظ ڪن. ان موقعي تي پروفيسر علي نواز ڦلپوٽو جي زندگي تي ڊاڪيومينٽري پيش ڪئي وئي. پروگرام جي آخر ۾ مرحوم پروفيسر علي نواز ڦلپوٽو جي مغفرت لاءِ اجتماعي دعا گهري وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو