ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا برسات دوران فوت ٿيلن جي پونيئرن کي هڪ هڪ لک روپين جو معاوضو ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي ٿيل اجلاس ۾ برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمين ٿيلن کي معاوضي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ۾ فوتي جي وارثن کي هڪ هڪ لک روپيا ۽ زخمين کي 25 _ 25 هزار روپيا ڏيڻ جي منظوري ڏيڻ سان گڏ گهر تباهه ٿيڻ جو معاوضو به 25 هزار روپيا مقرر ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت کان 4 ارب روپين جي گهري ورتا آهن، سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ برسات سبب ننڍي ڪاروبار ۽ فصلن جي تباهي تي متاثرن کي رليف ڏيڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ آبادگارن ۽ ننڍن واپارين کي به ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه برسات متاثرن جي مالي مدد واسطي وفاق کي سهڪار لاءِ خط لکندو. ياد رهي ته گذريل برساتن دوران سنڌ ۾ 149 ماڻهو فوت ۽ سوين ماڻهو زخمي ٿيا هئا.
