40

سنڌ ڪابينا سولر ٽيوب ويلز ۽ زرعي اوزارن جي مد ۾ سبسڊي جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا سولر ٽيوب ويلز ۽ زرعي اوزارن جي مد ۾ سبسڊي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ ڪابينا جو اجلاس سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران وڏي وزير طرفان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪولڊ اسٽوريج ٺاهڻ جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته وڏي وزير زراعت کاتي کي لينڊ ليولرس ۽ ٻيا زرعي اوزار خريد ڪرڻ لاءِ اسڪيم جوڙڻ جي به هدايت ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت رڳو ننڍن آبادگارن کي سبسڊي ڏيندي، زرعي شعبي ۾ سولر ٽيوب ويلز جي وڏي گهرج آهي، ان تي سبسڊي ڏيڻ گهرجي. سنڌ ڪابينا اسپيشل اڪنامڪ زون لاءِ 7 ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جي به منظوري ڏني، ڪابينا جو چوڻ آهي ته 5 ايڪڙ زمين تي اين ٽي ڊي سي طرفان 220 ڪي وي جي گريڊ اسٽيشن تيار ڪئي ويندي، اين ٽي ڊي سي کي اها زمين مارڪيٽ اگهه تي ڏني ويندي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران نوابشاهه ايجوڪيشن بورڊ لاءِ گاڏيون خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو