233

سنڌ ۾ رڳو 30 کان وڌيڪ حاضري وارن اسڪولن کي سسٽم ۾ رکيو ويندو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته 30 کان وڌيڪ حاضري رکندڙ اسڪولن کي سسٽم ۾ رکيو ويندو، جن علائقن ۾ ضرورت کان وڌيڪ اسڪول آهن اتي غير ضروري اسڪولن کي ٻين اسڪولن ۾ ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسڪولن جي پاليسين جي جائزي بابت سڏايل اجلاس ۾ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني جو وڌيڪ چوڻ هو ته گوسٽ اسڪولن کي سسٽم مان نيڪالي ڏيڻ کانپوءِ انهن جا وسيلا فعال اسڪولن ۾ استعمال ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو