103

سنڌ ۾ زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ برقرار، مختلف شھرن ۾ مظاھرا، ڌرڻا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ برقرار، مختلف شھرن ۾ مظاھرا، ڌرڻا جاري آھن، گھوٽڪي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ پاڻي چوري ٿيڻ خلاف ماٿيلو مومل جي ماڙي جي لنڊي واھ جي آبادگارن جو لنڊي واھ جي پل تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا پاڻي چوري بند ڪيو جا نعرا ھنيا ويا، آبادگار الله بخش شيخ هدايت الله ڪلادي، بدر منگي, عبدالوحيد شيخ,حق نواز سومرو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته هڪ طرف گهوٽڪي ضلعي اندر پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي ته ٻئي طرف آبپاشي عملدار بااثرن کي رشوت عيوض پاڻي چوري ڪرائي رهيا آهن، آبادگارن چيو ته لنڊي واھ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جڏهن ته لنڊي واھ تي بااثرن هٿرادو دڪا ۽ کڏا هئي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسان تائين پاڻي نٿو پهچي، احتجاج ڪندڙ آبادگارن جو چوڻ ھو ته آبپاشي کاتي جي عملدارن بااثرن کي پاڻي بند ڪرڻ کي کلي چوٽ ڏيئي ڇڏي آهي، خيرپورناٿن شاھ ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ذرعي پاڻي کوٽ خلاف ڌار ڌار ڌرڻا هنيا ويا، جنهن ۾  عوامي جهموري پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، شهري ايڪشن ڪاميٽي، شهري اتحاد، آبادگار جدوجهد ڪميٽي، وڪيلن، صحافين ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن حافظ حاجن لغاري، محمد امين جمالي، سومر چانڊيو، علي گل کوسو، وڪيل عبدالجبار سيال، وڪيل جاويد چانڊيو، نواب منگي، ارشاد کوسو، برڪت علي چانڊيو، شفيق الزمان لغاري جي اڳواڻي ۾ علمدار چونڪ وٽ سخت گرمي نٽهڻ اس تي 2 ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، سنڌو خاطر جهيڙو آ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياء ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن ڪري تعلقي خيرپورناٿن شاھ ۾ رائيس ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ ڪڏڻ شاخ، نارا ڊسٽري، آباد شاخ ۽ ٻين واھن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ آھي، ڀان سيدآباد شهر ۾ هڪ هفتي کان پيئڻ جي پاڻي جو فقدان، شهري پاڻي ڦڙي لاء تڙپڻ لڳا، پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدارن جي نااهلي ۽ غفلت سبب واٽرسپلاء اسڪيم جا تلاء سڪي ويا، واٽرسپلاءِ جا تلاءُ سڪڻ سبب شهر ۾ هڪ هفتي کان پيئڻ جي پاڻي جي سپلاء معطل، شهري سخت پريشان آھن، پيرشاخ وٽ ٿيل بور مشين بہ بند، شاخن ۾ بہ پاڻي نہ هجڻ سبب واري اڏامڻ لڳي، شھرين جو چوڻ ھو تھ پبلڪ هيلٿ کاتو شاخن جي پاڻي جي آسري آهي، ناتال جي صورت ۾ متبادل بندوبست نہ هجڻ سبب پاڻي بحران پيدا ٿيو آهي، پبلڪ هيلٿ کاتي جو انجنيئر عرفان ٻوڪ سموري بجيٽ هڙپ ڪري گم ٿي ويو آهي، ڀان واسي بي يارومددگار بڻيل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو