18

سنڌ ۾ مئٽرڪ جا امتحان 5 جولاءِ ۽ ٻارهين جا 26 جولاءِ کان وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مئٽرڪ جا امتحان 05 جولائي 2021 کان ورتا ويندا، جڏهن ته ٻارهين جا امتحان 26 جولاءِ کان وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ايجوڪيشن اينڊ لٽريسري ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ پنهنجي جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو آهي ته ميٽرڪ جا امتحان 5 جولاءِ کان ورتا ويندا، جڏهن ته نائين ڪلاس جا امتحان انٽر جي اسيسمينٽ بعد ورتا ويندا، مئٽرڪ جا امتحان صرف اختياري مضمونن جا ٿيندا. جيڪي 60 سيڪڙو سيليبس مان ئي ورتا ويندا. جڏهن ته مئٽرڪ ۽ ٻارهين ڪلاس جي پيپرن جو پيٽرن ساڳيو رکيو ويو آهي، جنهن ته سوالي پيپر 50 سيڪڙو ايم سي ڪيوز، 30 سيڪڙُو ننڍا سوال جواب ۽ 20 سيڪڙو وڏن سوالن ۽ جوابن تي مشتمل هوندو، جنهن تحت شاگردن کي انهن سوالن جا تفصيل سان جواب لکڻا پوندا. پيپر جو وقت ٻه ڪلاڪ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شاگردن کان پريڪٽيڪل نه ورتا ويندا. ان لاءِ شاگردن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي اضافي 5 سيڪڙو مارڪو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسڪول اسٽاف کي امتحان جي ڊيوٽي لازمي قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته امتحاني عملي جي ويڪسين ضرور ڪرائڻي پوندي. ان حوالي سان سنڌ صوبائي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلن ۽ ڪورونا صورتحال سبب اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران مئٽرڪ ڪلاس جي امتحانن بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو