ڪلوئي (ن سوڀ) سنڌ جو ٽماٽو تيار ٿيندي ئي ايراني ٽماٽي ۽ بصر جي امپورٽ شروع ٿي وئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جي مختلف ضلعن حيدرآباد، ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، ٽنڊوالهيار ۽ سانگهڙ سميت سڄي سنڌ ۾ هزارين ايڪڙن تي بيٺل ٽماٽو زمين تائين محدود ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هزارين آبادگارن ۽ هارين جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ جي آبادگارن عزيز ڏيرو، ارباب ذوالفقار، ستار نهڙيو، رب ڏنو هالو، هاشم هالو، عبدالرزاق درس، عثمان هالو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هزارين رپين جو خرچ ڪري وڏي محنت ڪري ٽماٽي جو فصل پوکي جڏهن تيار ڪيو آهي ته سرڪار دشمني تي لهي آئي آهي ۽ ايران جو ٽماٽو گهرائي اسان کي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته اسان کي پهرين چوماسي جي برساتن تباھه ڪيو، مٿان وري سرڪار ٻاهران ٽماٽو گهرائي رهيل ڪثر پوري ڪري ڇڏي آهي.
