ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن ۽ حڪمن جي ڀڃڪڙين ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي گهرو کاتي اين سي او سي جي هدايتن تي سڄي صوبي جي ڪمشنرن کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، سڄي سنڌ جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪمن تي عمل درآمد ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته موٽر ويز تي سفر ڪندڙن لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن 20 سيپٽمبر تائين لازمي قرار ڏني وئي آهي، هوم ڊليوري سروس جي اسٽاف لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن بنا سروس جي اجازت نه هوندي ۽ ريل ۾ سفر به نه ڪري سگهبو. سنڌ ۾ ڪورونا وائرس ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙن ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار به ڪيو ويندو، بس سروسز جي اسٽاف جي ويڪسينيشن نه ٿيڻ تي لاڳاپيل ڪمپني جي بسن ۽ اسٽينڊ کي سيل ڪيو ويندو. هدايتن موجب هوٽل ۽ ريسٽورنٽ ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ويڪسينيشن نه ٿيڻ تي هوٽل ۽ ريسٽورنٽ کي سيل ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو آهي.
