ڪراچي ( اسٽف رپورٽر ) سنڌ ۾ 20 هزار کان وڌيڪ اين جي اوز جي رجسٽريشن ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته افغانين جي واپسي بابت سنڌ حڪومت جو وفاق سان رابطو ڪري ورتو آهي. اهڙي ڄاڻ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ ڏني وئي ۽ اپيڪس ڪميٽيءَ وفاقي حڪومت کي افغانين جي واپسي لاءِ چٽي پاليسي اختيار ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪري ڇڏي آهي. اجلاس ۾ وزير اطلاعات ناصر شاهه، قانوني صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري گهرو کاتو، وزيراعليٰ سنڌ جو پرنسپل سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، پراسيڪيوٽر جنرل، سيڪريٽري ايڪسائيز، صوبائي انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي مختلف ادارن ٻڌايو ته دهشتگرد گروپ پاڻ کي منظم ڪرڻ ۽ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا کي استعمال ڪري رهيا آهن پر لاڳاپيل ادارا انهن جي نگراني ڪندا آهن جنهن تحت ئي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. حڪومت 20051 اين جي اوز جي رجسٽريشن ختم ڪري ڇڏي آھي ۽ ھاڻي رڳو 5148 اين جي اوز ڪم ڪري رھيون آھن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 660 اين جي اوز کي آڊٽ ڪرايو ويو ۽ انھن مان 25 کي سي ٽي ڊي ٽي ٽائر II جي آڊٽ لاءِ تجويز ڪيو آهي. اپيڪس ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته 78 آرگنائيزيشنز کي شيڊول I ۾ رکيو ويو آهي، چئن کي شيڊول II ۾، 440 کي شيڊول 4 ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ سي ٽي ڊي پاران فورٿ شيڊولر جي سندن کي ٻيهر تصديق وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پروف آف رجسٽريشن (پي او آر) ڪارڊز ۽ افغان شهري ڪارڊز (اي سي سي) جو مدو 30 جون 2020 تي ختم ٿي ويو آهي تنهن ڪري سيفران ذريعي ڪابينا ڊويزن کي سمري اماڻي وئي آهي. اجلاس ۾ وفاقي حڪومت کي افغان مهاجرن جي وطن واپسي لاءِ هڪ مڪمل واضح پاليسي اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قائد اعظم ميوزيم، ايف جي هائوس ۽ وزير مينشن تي حملن جون ڌمڪيون مليون آهن. سڀني جڳهين جي سيڪيورٽي آڊٽ ڪئي وئي ۽ موجوده سيڪيورٽي ميڪنزم ۾ اڳڀرائي ڏانهن اشارو ڪيو ويو اهڙي ريت اجلاس فيصلو ڪيو ته مستقبل بنيادن تي انهن عمارتن جي سيڪيورٽي انتظامن کي وڌايو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اينٽي ٽيررزم فنانسنگ يونٽ (اي ٽي ايف يو) ڪائونٽر ٽيررازم فورس تحت 2015 کان 2020 تائين 10.249 ارب روپيا ضبط ڪيا آهن. انهن 144 ڪيس درج ڪندي 90 جوابدارن کي گرفتار ڪيو جن مان 19 کي سزا ملي ۽ 10 درخواستون التواءَ هيٺ آهن جڏهن ته 37 کي آزاد ڪيو ويو آهي. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته 1867 ڪيس اي ٽي سي ۾ التوا هيٺ آهن اجلاس ۾ قانون کاتي کي اي ٽي سي کي درخواست ڪئي وئي ته اهو ڪيسن جي ٻڌڻي کي تيز ڪري ۽ پراسيڪيوشن کاتي کي قانوني چاره جوئي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پڻ اپيل ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اينٽي ٽيررزم ايڪٽ (اي ٽي اي) تحت 42 جوابدارن جا 61 ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن موڪليا ويا جن مان 30 کي موت جي سزا ڏني وئي ۽ 7 کي اي ٽي سي حوالي ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته فوجي عدالتن 34 ڪيس اڪلايا، ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ٻن کي آزاد ڪيو آهي. هن وقت هائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ 16 ڪيس / درخواستون التوا هيٺ آهن اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 30 نومبر 2020 تائين اسپيشل ٽرائل ڪورٽس (اي ٽي سي) ۾ تقريبن 1899 ڪيس التوا هيٺ آهن. ڊسمبر 2020 تائين 240 کان وڌيڪ ڪيس قائم ڪيا ويا آهن جنهن مان 125 ڪيسن کي اڪلايو ويو جن مان 24 کي ڏوهاري ۽ 98 کي آزاد ڪيو ويو آهي. ان تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سزا جي شرح 19.02 سيڪڙو ۽ آزادي جي شرح 78 سيڪڙو آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته دهشتگردن جو ڪوبه نسل، مذهب، ٻولي يا قوميت نه ٿيندي آهي پر اهو انهن جي ذهنيت جو نتيجو آهي جيڪو انهن کي هم خيال گروهن سان ڳنڍيندو آهي تنهن ڪري اسان کي پنهنجي شهر، صوبي ۽ ملڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ خطرن کي سمجهڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته خطرا هئا تنهن ڪري اسان کي هن فورم تان پيدا ٿيندڙ خطرن جو جائزو وٺڻ گهرجي.
105