اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت لاڳاپيل اختيارين کي اهڙن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جيڪي سوشل ميڊيا تي ملڪ خلاف مواد اپلوڊ، شيئر يا ڪمينٽس ڪن ٿا. گهرو وزارت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اختيارين کي اها هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سائبر ڪرائيم قانون تحت اهڙن ماڻهن جو پتو لڳائين جيڪي سوشل ميڊيا تي ملڪ خلاف مواد اپلوڊ، شيئر يا ڪمينٽس ڪن ٿا. نوٽيفڪيشن موجب سوشل ميڊيا تي ملڪ اندر گهرو ويڙهه جي حمايت ڪرڻ يا ماڻهن کي ان لاءِ ڀڙڪائي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نقصان پهچائڻ جي ذميوارن کي به هٿ ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ انهن ماڻهن کي به گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جيڪي پابندي پيل تنظيمن جي حمايت ڪن ٿا، جڏهن ته اختيارين کي تازو ملڪگير مظاهرن جا فوٽيجز حاصل ڪري ان ۾ شريڪ ماڻهن کي سڃاڻڻ لاءِ نادرا کان مدد وٺي کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.
