241

جهانگير ترين جي پٽ علي ترين پاران به آصفه ڀٽو جي سياسي سرگرمين جي ساراهه

لاهور (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن جتي سوشل ميڊيا تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو جي سياسي سرگرمي ٽاپ ٽرينڊ رهي، اتي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جو پٽ علي ترين به آصفه ڀٽو جي متاثر ڪندڙ شخصيت جو اعتراف ڪرڻ بنا رهي نه سگهيو. علي ترين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ڪيو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر آصفه ڀٽو تمام سٺي آهي. علي ترين پاران آصفه ڀٽو بابت ڪيل ٽوئيٽ تي هڪ واهپيدار دلچسپ تبصرو ڪيو آهي، هن لکيو ته اسان علي ترين کي پاڪستان پيپلز پارٽي جوائن ڪرڻ تي ڀليڪار چئون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو