ليکڪ: ”راز“علي گل ڀٽو
جڏھن ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُالحق شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري 5 جولاءِ ١٩٧٧ع تي قوم کي خطاب ڪندي اھو واعدو ڪيو ھو ته 90 ڏينھن ۾ عام چونڊون ڪرائي اقتدار عوامي نمائندن جي حوالي ڪيو ويندو ته انھيءَ اعلان جي ڪجهھ ھفتن بعد ھن واعدي خلافي ڪندي اھو بيان جاري ڪيو ته ”اول احتساب پوءِ انتخاب“۽ اھو اعلان حقيقي طور تي سندس اقتدار جي 11 سالن دؤران وفا نه ٿيو، ان سان گڏوگڏ ملڪي ترقيءَ جو ڦيٿو به رڪجي ويو ۽ سموري حڪومتي مشينريءَ کي ڀٽو شھيد ۽ سندس حڪومت جي احتساب تي لڳايو ويو، جلديءَ ۾ڪچي چٺي جا ٽي جلد ڇاپي عوامي سطح تي ڀٽو شھيد کي بدنام ڪرڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي، جڏھن ان سموري مھم دؤران ضياءُالحق کي ڀٽو شھيد خلاف ڪي به ثبوت نه مليا ته پوءِ واعده معاف گواھن جي مدد سان قتل جي ھڪ ڪوڙي ڪيس تحت ججن ۽ ڪامورا شاھيءَ جي جوڙٽوڙ سان ڀٽو کي شھيد ڪري کائنس جان ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي، ان ڪيس کان پوءِ ئي ملڪ ۾واعده معاف گواھن جو رواج عام ٿيو، ڀٽو شھيد ۽ پيپلز پارٽيءَ جي ٻين اڳواڻن خلاف ٿيندڙ احتساب تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، جن مان کڙ تيل ڪجهھ به ڪونه نڪتو، دٻاءَ ۾اچي جيڪي اڳواڻ پارٽيءَ کي ڇڏي ضياءُالحق جي ڌر ۾شامل ٿيا، انھن کي صاف سٿرو ڪري حڪومتي عھدا ۽ وزارتون ڏئي نوازيو ويو، ۽ جن آڻ نه مڃي انھن کي مارشل لا ڪورٽن تحت سزائون ڏئي ڪوڙا ھنيا ويا ۽ جيلن ۾ واڙيو ويو، اھڙي ريت صرف مخالفن خلاف جديد احتساب جو رواج ملڪ ۾ضياءُالحق وڌو، جيڪو اڄ سوڌو مختلف نالا ۽ صورتون بدلائيندو جيئرو رھندو پيو اچي، ضياءُالحق جي حادثي ۾ مرڻ کان پوءِ ١٩٨٨ع ۾محترمه شھيد بينظير ڀٽو اقتدار ۾آئي ته ان مفاھمت تحت ڪوبه سياسي انتقام نه ورتو، پر جڏھن ١٩٩٠ع ۾ضياءُالحق جي باقيات ۽ سياسي وارث نواز شريف اقتدار ماڻيو ته ان ضياءُالحق جي احتساب واري مئل گھوڙي ۾ وري احتساب بيورو جي نالي سان ساهه وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، ان وقت احتساب بيورو جو سربراهه بدنام زمانا سيف الرحمان کي بڻايو ويو، جنھن سياسي مخالفن يعني پيپلزپارٽي خلاف ھرو ڀرو رڻ ٻاري ڏنو، ان جنگي بنيادن تي بي رحماڻي طور پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو، سيف الرحمان ته احتساب بيورو تحت ايذاءُ گھر به قائم ڪيا، جتي سياسي مخالفن کي ايذاءُ ڏئي وفاداريون بدلائڻ تي مجبور ڪيو ويندو ھو، نتيجي ۾ حمايت ڪرڻ وارن کي نوازيو ويو ۽ مخالفت ڪرڻ وارن کي اڃا به ايذايو ويو، ان سان وڏي سياسي بدامني وجود ۾ آئي، نواز شريف جي ٽنھي دؤرن ۾ احتساب بيورو کي ڀرپور نموني پيپلزپارٽيءَ خلاف استعمال ڪيو ويو، پنھنجا نوازي، رشوت خوري، واڌو نوڪريون ڏيڻ وارا الزام ھڻي، ڪيس جوڙي اڳواڻن کي خوار ۽ تنگ ڪيو ويو، ھڪ طرفو احتساب ڏاڍو ظالم ٿيندو آھي، ان ڪري ان مان کڙ تيل به نه نڪرندو آھي، ڇو ته احتساب کان حڪومتي اڳواڻ آجا ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ سوگھا ھوندا آھن.
جڏھن ١٩٩٨ع ۾جنرل پرويز مشرف نواز شريف کي ھٽائي حڪومت تي قبضو ڪيو ته ان به اچڻ شرط احتساب بيورو ۾تبديليون آڻي ان کي قومي احتساب بيورو جو نالو ڏئي ان جي وڏن وڏن عھدن تي گھڻي ڀاڱي پنهنجا پٽي ڀائي مقرر ڪيا، پرويز مشرف دؤر ۾ به قومي احتساب بيورو جو سياسي مخالفن خلاف بي رحماڻو استعمال ڪيو ويو، فرق صرف اھو پيو ته اڳ ۾ نشانو صرف پ پ وارا ھوندا ھئا، پر ھاڻي نواز ليگ به ان احتساب جي گھاڻي ۾اچي وئي، باقي طريقو ۽ روش ساڳي رھي، يعني جيڪو سياسي وفاداري بدلائي حڪومتي ڌر ۾ شامل ٿئي اھو پاڪ پوتر، ھر الزام کان آجو، باقي مخالفت ڪرڻ واري ۾سڀ ڏوهه ۽ عيب ھئا، جڏھن به احتساب جو نالو کڄي ٿو ته ان مان انتقام جي بوءِ اوس اچي ٿي، احتساب جي ڏنڊي کي ھر دؤر ۾ حڪومتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ويو آھي، بنيادي طور تي احتساب جو نعرو ھنيو ته قومي مفاد لاءِ ٿو وڃي، پر ميدان ۾ عملي طور حڪومتي مفاد چٽا نظر اچي رھيا ھوندا آھن، ٢٠٠٨ع ۾ جڏھن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته ان مڪمل طور مفاھمت کان ڪم ورتو ۽ ڪنھن به سياستدان کي احتساب جي آڙ ۾ سياسي انتقام جو نشانو نه بڻايو، ان دؤر ۾ اڪثر طور قومي احتساب بيورو ماٺار ۾ رھيو، ان کان پوءِ نواز شريف جو آخري دؤر به ان جي لڳ ڀڳ رھيو، جڏھن ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ کي اھو ڀرپور موقعو مليو ھو ته ھو احتساب بيورو ۾ اصلاحون آڻين ھا، پر انھن ايئن نه ڪيو ۽ ان جا نتيجا ڀوڳي رھيا آھن، ان جو نتيجو اھو نڪتو ته جڏھن ملڪ جي طاقتور اشرافيا عمران خان جي ھٿ ۾ احتساب جي اگھاڙي تلوار ڏئي کيس چيو ته ھل پٽ جمھورا الله ڀلي ڪندو ته ھاڻ عمران خان ناتجربيڪاريءَ جي ڪري خوف ۾ ان احتساب جي اگھاڙي تلوار جو پوري قوت سان استعمال ڪري رھيو آھي، ڇوته ھن وٽ ان کانسواءِ عوام کي ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجهھ آھي ئي ڪونه، جيڪڏھن احتساب ۾توازن پيدا ڪرڻو آھي ته مخالف ڌر سان گڏ حڪومتي ڌر کي به احتساب بيورو اڳيان جوابده ھجڻ گھرجي، موجوده حڪومت جي سموري توانائي رڳو مخالف ڌر کي دٻائڻ تي خرچ ٿي رھي آھي، باقي عوامي ڀلائي ۽ ملڪي ترقيءَ جا معاملا سرد خاني ۾ پيل آھن، ٿلھي ليکي جيڪڏھن قومي احتساب بيورو جي وٺ پڪڙ کي الڳ رکجي ته حڪومتي ڪارڪردگي ٻڙي آھي.