254

سيف الله ابڙو کي 35 ڪروڙن ۾ سينيٽ ٽڪيٽ ڏيڻ جو انڪشاف، مراد علي شاهه حليم عادل تي حملو نٿو ڪرائي سگهي: لياقت جتوئي

دادو (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف پاران سيف الله ابڙو کي 35 ڪروڙن ۾ سينيٽ ٽڪيٽ ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت جتوئي جو چوڻ آهي ته سيف الله ابڙو کي 35 ڪروڙ رپين ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي، پي ٽي آءِ پاران ٽڪيٽون ورهائڻ لاءِ پارلياماني بورڊ نه جوڙيو ويو، گورنر هائوس ۾ سياسي ڊرائنگ روم سجائي ٽڪيٽن تي سودا ڪيا ويا، رڳو من پسند ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون. هن چيو ته سيف الله ابڙو 6 مهينا اڳ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو، کيس ڪهڙي بنياد تي سينيٽ چونڊ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي؟ هن چيو ته حليم عادل شيخ هوا ۾ اڏامي رهيو آهي، مراد علي شاهه مٿس حملو ڪرائي نٿو سگهي، پيپلز پارٽي سان سياسي اختلاف آهن پر ڪڏهن به ڪنهن تي ذاتي تنقيد ناهي ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو