52

نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو باني سينيئر سياستدان شيرباز خان مزاري لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ جو ناليوارو ۽ سينيئر سياستدان شيرباز خان مزاري 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. شيرباز خان مزاري بلوچستان جي سرحد ويجهو پنجاب ۾ واقع روجهان مزاري قبيلي جو سردار هو، هو نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو باني هو، شيرباز خان مزاري مسلسل بيمار رهڻ کانپوءِ 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس روجهان جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو