ڀارتي اداڪار جو لاش باٿ روم مان هٿ
ممبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي اداڪار ۽ ماڊل آدتيا سنگهه راجپوت 32 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سومر تي آدتيا سنگهه راجپوت ممبئي ۾ پنهنجي گھر جي باٿ روم ۾ مبينا طورتي مُئل مليو، اداڪار جو هڪ دوست کيس اسپتال کڻي ويو جتي سندس موت جي تصديق ڪئي وئي. اداڪار جي ٻئي دوست ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته آدتيا کي سندس دوست گھر جي باٿ روم ۾ مبينا طور تي بيهوش ڏٺو جنهن کان پوءِ هن چوڪيدار سان گڏ کيس ويجهي اسپتال کڻي ويو، سندس موت مبينا طور تي فرش تي مٿو ٽڪرائجڻ کان پوءِ ٿيو يا وري موت جو سبب دل جو دورو پوڻ به ٿي سگھي ٿو. فوتي اداڪار جي دوست جو چوڻ هو ته پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي سڀ پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار ڪري رهيا آهيون. |