اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اجلاس ۾ 6 سالن لاءِ نئين چونڊيل 48 ميمبرن پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، جنهن ۾ سينيٽرن جو سڀ کان وڏو انگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو آهي. نئين چونڊيل ميمبرن سينيٽ جي 6 سالن جي مدي يعني 2021ع کان 2027ع تائين لاءِ سينيٽر طور حلف کنيو. پي ٽي آءِ جي محسن عزيز، لياقت تراڪئي، شبلي فراز، فيصل سليم، ذيشان خانزاده، دوست محمد خان، همايون مهمند، ثانيه نشتر، فلڪ ناز، گرديپ سنگهه، فوزيه ارشد، سيف الله نيازي، عون عباس، اعجاز چوڌري، علي ظفر، فيصل واوڊا، سيف الله ابڙو ۽ عبدالقادر سينيٽر طور حلف کنيو. پيپلز پارٽي جي 8 سينيٽرن شيري رحمان، سليم مانڊوي والا، تاج حيدر، شهادت اعواڻ، ڄام مهتاب ڏهر، پلوشا خان، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ يوسف رضا گيلاني سينيٽر طور حلف کنيو. بلوچستان عوامي پارٽي جي 6 سينيٽرن پرنس احمد عمر، منظور احمد، سرفراز بگٽي، سعيد هاشمي، ثمينا مشتاق ۽ دانش ڪمار حلف کنيو. ن ليگ جي 5 سينيٽرن ڊاڪٽر عفنان الله، سعديه عباسي، ساجد مير، اعظم نظير تارڙ ۽ عرفان صديقي حلف کنيو. جي يو آءِ جي مولانا عبدالغفور حيدري، ڪامران مرتضيٰ ۽ عطاءُ الرحمان به سينيٽر طور حلف کڻي چڪا. اي اين پي جي هدايت الله ۽ عمر فاروق، ايم ڪيو ايم جي فيصل سبزواري ۽ خالده اطيب، بي اين پي جي محمد قاسم ۽ نسيما احسان جڏهن ته ق ليگ جي ڪامل علي آغا به حلف کڻندڙن ۾ شامل آهن.
