210

وفاقي حڪومت سينيٽ چونڊون مارچ بدران فيبروري ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،مالياتي ايوارڊ جي طريقيڪار ۾ به تبديلي جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا سينيٽ جون چونڊون مارچ بدران فيبروريءَ ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ اهي چونڊون ڳجهي ووٽ بدران ميمبرن جا هٿ مٿي ڪرائي ووٽ ورتو ويندو جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ کان پڻ راءِ وٺڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر سميت سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ سڌارن تي ڳالهين جي دعوت پڻ ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي  وزيراعظم عمران خان چيو ته چونڊن جي لاءِ قانوني سڌارن جو مقصد پوري عمل کي شفاف ڪرڻ آهي، سمورين سياسي پارٽين سان ان سلسلي ۾ ڳالهين جي لاءِ دروازا  هر وقت کليل آهن.  وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته ڪابينا کي اٽارني جنرل سينيٽ جي چونڊن جي قانون بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. سيڪريٽ بيلٽ بدران اوپن ووٽنگ تي بحث ٿيو. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان جي آئين ۾ اوپن بيلٽ جي بظاهر ڪا منع نه آهي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ کليل ووٽنگ بابت پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 186 تحت اٽارني جنرل ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چونڊن جي لاءِ قانوني سڌارن جو رڳو هڪ مقصد آهي ۽ اهو پوري عمل کي شفاف ڪرڻ آهي. سمورين سياسي پارٽين سان ان ڏس ۾ ڳالهين جي لاءِ دروازا هر وقت کليل آهن. هن چيو ته سينيٽ جون چونڊون مارچ يا ان کان اڳ ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن سنڌ اسيمبلي نه به هجي ته سينيٽ جون چونڊون ٿي وينديون، سينيٽ جون چونڊون شو آف  هينڊ سان ڪرائڻ جي لاءِ آئيني ترميمون يا ڪنهن متبادل حل جي لاءِ سپريم ڪورٽ کان رهنمائي ورتي ويندي. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽ بابت سدائين وزيراعظم جو اهو ئي موقف رهيو ته چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، ماضي ۾ سينيٽ چونڊن تي آڱريون کڄنديون رهيون ۽ هارس ٽريڊنگ پڻ ٿيندي رهي. هن چيو ته اسان 18 هين ترميم جي خلاف نه آهيون پر هاڻي 18 هين ترميم کي 10 سال ٿي ويا آهن، ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙين شين کي بهتر ڪرڻ لازمي آهي.  ناڻي واري وزارت ڪابينا کي وفاق پاران صوبن لاءِ رکيل فنڊز جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي صوبن جي پنهنجي مالي وسيلن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا اين ايف سي ايوارڊ ۽ وفاق کان ملندڙ فنڊز جي استعمال جو طريقو ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تي ڪابينا بحث ڪري سگهي ٿي ان تي ڪا پابندي نه آهي، اسان ته چئون ٿا ته صوبائي فنانس ڪميشن به هجڻ گهرجي جيڪا ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويل ضلعن کي ترقي ڏياري، اسان جي حڪومت سي سي آءِ کي به فعال ڪيو آهي. ڪابينا کي ملڪ ۾ پيٽروليم جي کوٽ جي حوالي سان قائم انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا ان رپورٽ جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي سفارشن تي عمل ڪرڻ بابت حڪمت عملي ٺاهڻ لاءِ وفاقي وزيرن اسد عمر، شفقت محمود، ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ محمد اعظم خان سواتي تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني. اها ڪميٽي هڪ هفتي ۾ ڪابينا کي رپورٽ پيش ڪندي. وزيراعظم چيو ته پيٽروليم جي کوٽ بابت انڪوائري ڪميشن جي سفارشن تي عمل بابت قائم ڪميٽي جي رپورٽ ملڻ کان پوءِ ذميوارن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو