32

سينيٽ جي قيام جو مقصد ۽ سياسي روش….!!

ليکڪ: وسعت الله خان

سينيٽ جي قيام جو مقصد جيڪڏهن چئني صوبن ۾ برابري جو احساس پيدا ڪرڻو هو ته اهو مقصد ڪڏهوڪو سوڙهي گهٽي مان ڊونڊڙو ٿي نڪري ويو، هاڻ ته هي ادارو احساس برتري ثابت ڪرڻ جو آکاڙو آهي، سينيٽ ۾ هر يونٽ کي برابري جي سطح تي نمائندگي ڏني وئي ته جيئن وفاق ڪنهن هڪ صوبي جي اڪثريتي آمريت جو شڪار نه ٿئي، ان اداري جي قيام جو روح به شايد اهو هو ته سياسي پارٽيون ضمير کي حاضر ناظر سمجهي سڌي چونڊ جي سهولت استعمال ڪندي بهتر کان بهتر شخصيتن کي سينيٽ ۾ موڪلين ته جيئن پارلياماني قانونسازي جو مجموعي معيار بلند ٿئي. جيتوڻيڪ هر سينيٽ ۾ پنهنجي پنهنجي شعبي جا ماهر ۽ پارلياماني روايتن جو پاس رکندڙ ڪيترائي چهرا به نظر آيا، مڊل ڪلاس ۽ لوئر مڊل ڪلاس جو پس منظر رکندڙ قابل ماڻهو به سيٽن تي ويٺا پر انهن جو انگ سدائين روايتي ۽ پيشيور سياسي اشرافيا جي مقابلي ۾ اٽي ۾ لوڻ جي برابر رهيو آهي، مٿيون ايوان ٺاهيندڙ آئين ساز يقينن سٺي نيت وارا هئا، پر اهي اها پابندي هڻڻ وسري ويا ته صرف اهو شخص ئي سينيٽ ۾ ڪنهن صوبي جي نمائندگي ڪري سگهي ٿو جنهن جو مستقل رهائشي پتو ان ئي صوبي جو هجي، اهو رستو بند نه ڪرڻ جو نتيجو ان خرابي جي صورت ۾ نڪتو ته ڪيترائي ڀيرا پنجاب جو رهائشي سينيٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي، ڪي پي ڪي وارو پنجاب جي سيٽ تي ويٺو آهي ۽ سنڌ وارو ڪي پي ڪي جي حقن جي تحفظ جو دعويدار آهي، ان تي مون کي اهو قصو ياد اچي رهيو آهي ته ڪنهن پنهنجي دوست کان پڇيو ته تنهنجو گهر ته تمام ننڍڙو آهي اوهان گذارو ڪيئن ٿا ڪريو؟ جواب مليو ته گذارو ٿي ئي وڃي ٿو، هڪ کٽ تي آئون ۽ بابو ۽ ٻي کٽ تي منهنجي زال ۽ امان سمهن ٿا، سياسي پارٽيون چورائيندڙ سياسي قبيلن جي سردارن ڪيترائي ڀيرا اهڙين شخصيتن کي سينيٽ ۾ چونڊرايو جيڪي ڪٽنبي درجي تي هئا يا سياسي کان وڌيڪ ذاتي وفادار هئا. سرمائي وارا هئا، خانداني اثر ۽ رسوخ جي ڪرنسي سان ڀريل هئا، يا وڏي در جي ويجهو هجڻ جي ناتي سردار جي پردي پٺيان مفادن جي سار سنڀال ۽ تڪميل جا ماهر هئا. ڪجهه خاندانن تي سينيٽ کي فيملي ڪلب بڻائي ڇڏيو، جيئن مولانا فضل الرحمان جو هڪ هڪ مائٽ صوبائي اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اڪثر هوندو ئي آهي، مولانا جي ئي اباڻي ضلعي ڊير اسماعيل سان تعلق رکندڙ گلزار خاندان ته هڪ دور ۾ سينيٽ کي گلزار بڻائي ڇڏيو هو، يعني والد محترم به سينيٽر رهيو، سندس 2 پٽ وقار احمد خان ۽ عمار احمد خان به سينيٽر ٿيا ۽ والده محترمه بيگم رضيا سلطانا قومي اسيمبلي ۾ رهي.اهڙي طرح پاڙيسري ضلعي لڪي مروت جي سيف الله فيملي مان 3 ڀائر انور سيف الله، سليم سيف الله ۽ عثمان سيف الله سينيٽ جا ميمبر رهيا، جڏهن ته هڪ ڀاءُ همايون سيف الله ۽ سندن ماءُ ڪلثوم سيف الله قومي اسيمبلي ۾ رهيا. ڪيترائي بلوچ سردار ۽ سنڌ ۾ به اهڙا آهن جيڪي پنهنجي موڊ ۽ سياسي آبهوا کي ڏسندي فيصلو ڪن ٿا ته هن ڀيري اهي صوبائي اسيمبلي ۾ رهندا ۽ قومي اسيمبلي ۾ وڃڻ پسند فرمائيندا ۽ سينيٽ کي رونق بخشيندا. 1973ع جي آئين تحت وجود ۾ ايندڙ سينيٽ کي 48 سالن ۾ 8 چيئرمين مليا، حبيب الله خان، غلام اسحاق خان، وسيم سجاد، محمد ميان سومرو، فاروق نائيڪ، نئير بخاري، رضا رباني ۽ مير صادق سنجراڻي، انهن 8 مان 7 چيئرمين رياستي معاملن ۾ سياسي، قانوني يا بيوروڪريٽڪ پس منظر جو گهٽ يا وڌ تجربو رکندا هئا. پر اٺين چيئرمين جي چونڊ اهو تصور به غلط ثابت ڪري ڇڏيو ته ان منصب تي ويهندڙ لاءِ ڪنهن به سياسي يا انتظاميا بايوڊيٽا يا تجربي جي ضرورت آهي. جيڪڏهن مٿان وارو چاهي ته راجا ظفر الحق جهڙو زيرڪ سياستدان به هڪ آزاد ۽ نئين داخل ٿيندڙ جي هٿان يوسف جي ڀائرن جي تعاون سان شڪست کائي سگهي ٿو ۽ وري اهو نئون داخل ٿيندڙ ڪجهه مهينن بعد بي اعتمادي جي تحريڪ آڻيندڙن کي اڪثريت جي باوجود ڪيرائي سگهي ٿو. اهڙا معجزا ئي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ رهندڙ جمهوريت جو حسن چورائين ٿا. جيڪي پارٽيون (ن) ليگ ۽ پ پ 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تحت سينيٽ ۾ ڏوڪڙن جي طاقت تي خريد ۽ وڪرو روڪڻ لاءِ ڳجهي ووٽ بدران کليل بيلٽ لاءِ آئيني ترميم جي واعدي ۾ ٻڌل هيون، ميثاق جمهوريت کانپوءِ اقتدار ۾ اچڻ باوجود اها آئيني ترميم نه ڪري سگهيو، هاڻ جڏهن عمران خان ان ترميم لاءِ هر دروازو وڄائڻ شروع ڪيو ته اهي ئي پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ عمران خان جي ان ڪوشش کي دال ۾ ڪارو قرار ڏئي رهيون آهن، جيتوڻيڪ سب متفق آهن ته هر ٽن سالن کانپوءِ سينيٽ چونڊن جي نالي تي ٻڪرا پڙي لڳي ٿي، ان بدران ته سياسي پارٽيون پنهنجي چونڊيل ميمبرن جي مسلسل پارلياماني تربيت تي ڌيان ڏين ۽ کين احساس ڏيارينديون رهن ته اهي ان منصب تي رڳو ذاتي نفعي ۽ اثر رسوخ جي واڌ لاءِ نه پر اجتماعي بهتري کي قانونسازي ذريعي اڳتي وڌائڻ لاءِ آندا ويا آهن، انهن سياسي پارٽين جي قيادت سياسي مصلحت کي ڄاڻي واڻي يا اڻڄاڻائي واري انداز ۾ اڳتي وڌايو ۽ ائين اندروني گهيرن ۽ ضروري سياسي ڊسيپلين سان ميمبر بي فڪر ٿيندا ويا. ان رجحان کي لغام ڏيڻ بدران سياسي پارٽين جي قيادت اهو آسان رستو اختيار ڪيو ته جيڪو ڪم انهن جي ڪرڻ جو هو، اهو انهن ٻين ادارن تي وجهي ڇڏيو، پئسي جي ڏي وٺ جي واويلا هر ڪنهن ڪئي پر ان چلت تي ڪنٽرول ڪرڻ جو بار به اليڪشن ڪميشن جي ڪلهن تي رکي ڇڏيو، ڳجهي ووٽنگ کي ڪرپشن کان بچائڻ جا طريقا سوچڻ بدران سموري خرابي جي پاڙ ئي ڳجهي ووٽنگ جي جمهوري مشق کي قرار ڏئي ڇڏيو. (اقبال کان معافي وٺندي)

خود بدلتے نہیں دستور بدل دیتے ہیں

ہوئے کس درجہ فقیہانِ حرم بے توفیق

جيڪي پارٽيون پنهنجي چونڊ خرچن جا تفصيل وقت تي جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو، هر ڀيري اليڪشن ڪميشن کي پارليامينٽ جي ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪري کين گوشوارا جمع ڪرائڻ تي مجبور ڪرڻو پيو، اهڙين سياسي قيادتن کان پنهنجي ميمبرن جو رخ درست ڪرڻ جي فرمائش به انتهائي گهڻي آهي.اهڙو سينيٽ پنهنجو عوامي وقار ڪيئن قائم رکي سگهي ٿو ۽ وري صوبن کي برابري وزن ڏياري سندن آئيني مفادن جو تحفظ ڪري سگهي ٿو ۽ عوام دوست قانونسازي ۾ قومي اسيمبلي کان ڪيئن اڳتي وڌي سگهي ٿو ۽ بنيادي آزادين کي قانونسازي جي آڙ ۾ محدود ڪرڻ واري رجحان آڏو ديوار ڪيئن ٿو بڻجي سگهي؟ اهي سمورا سوال به 3 مارچ جي شام تائين ئي ڪجهه اهميت رکن ٿا، ان کانپوءِ آئون ڪير ۽ تون ڪير؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو