113

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين خلاف نيب ريفرنس داخل، صوبائي وزير ۽ ايم پي اي سميت اهم شخصيتن ۽ آفيسرن خلاف جاچ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته  سنڌ جي صوبائي وزير سهيل انور سيال سميت ڪيترن ئي آفيسرن خلاف انويسٽيگيشن ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ڄام خان شوري سميت ڪيترن ئي آفيسرن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ انڪوائرين جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سليم مانڊوي والا جي خلاف ڪڊني هلز پلاٽس الاٽمينٽ جي معاملي بابت ريفرنس ۾ نديم مانڊوي والا، اعجاز هارون، عبدالغني مجيد ۽ طارق محمود کي پڻ نامزد ڪيو ويو آهي. انهن تي پلاٽن جي الاٽمينٽ جي ذريعي ڪوڙن اڪائونٽن مان ڪوروڙي روپي حاصل ڪرڻ جو الزام آهي.  ٻي پاسي  اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي سربراهيءَ ۾ نيب هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب حسين اصغر، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽبلٽي نيب سيد اصغر حيدر، ڊي جي آپريشن نيب ۽ ٻين سينيئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ٻن ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي، اجلاس ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ڄام خان شورو، اڳوڻو وزير ڪرن خان شورو، ڪاشف شورو، چيئرمين ٽائون ڪميٽي قاسم آباد سجاد حيدر شاهه، ڊسٽرڪٽ آفيسر روينيو شاهنواز سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد اختر علي شيخ، مختيارڪار قاسم آباد علي ذوالفقار ميمڻ، امتياز سولنگي تپيدار، تپيدار ديهه ڄامشورو بچل مير بهار، ديهه ڄام شورو تپيدار پير بخش جتوئي، ديهه ڄام شورو انوار باقي لينڊ رڪارڊ آفيسر اسٽيبلشمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊ آفيسر حيدرآباد خداداد مري، انسپيڪٽر روينيو اينڊ سٽي سروي سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊ آفيسر حيدرآباد طاهر علي ڀنڀرو، روينيو سرويئر حيدرآباد بخت علي وگهيو، سروي تپيدار سيٽلمينٽ سروي اينڊ لينڊ رڪارڊ آفيسر حيدرآباد ذيشان قريشي ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جوابدارن تي غير قانوني طور اختيارن جي ناجائز استعمال ڪندي ديهه ڄامشورو قاسم آباد سنڌ ۾ سرڪاري ايراضيءَ تي قبضو ڪري ذاتي استعمال ۾ آڻڻ جو الزام آهي جنهن سان قومي خزاني کي اٽڪل 5 ارب رپين جو نقصان پهتو. نيب اجلاس ۾ عادل ڪريم ڊپٽي ڊائريڪٽر بورڊ آف انويسٽمينٽ اسلام آباد، محمد ايوب ڊائريڪٽر بورڊ آف انويسٽمينٽ حيدرآباد، محمد مسلم اڳوڻو ڊائريڪٽر بورڊ آف انويسٽمينٽ اسلام آباد، فهد علي چوڌري ڊائريڪٽر بورڊ ڊائريڪٽوريٽ انٽرنل آڊٽ ڪسٽمز اسلام آباد، نعيم اعجاز قريشي ڊائريڪٽر ڊائريڪٽوريٽ انٽرنل آڊٽ ڪسٽمز اسلام آباد، محمود عالم اڳوڻو ميمبر ان ڊائريڪٽ ٽيڪسز پاليسي ايف بي آر، سڪندر اسلم اڳوڻو ڪمشنر ان لينڊ روينيو ريجنل ٽيڪس آفيس ڪراچي ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي قومي خزاني کي اٽڪل 417.409 ملين رپين جو نقصان پهچايو. اجلاس ۾ 7 انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي. جن ۾ فدا خان، آفتاب خان (فرنٽ مين)، اويس مظفر ۽ ٻيا شامل آهن. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي آفيسرن، اهلڪارن ۽ ٻين، قادر بخش ۽ ٻين، ڊاڪٽر احمد نديم اڪبر اڳوڻو رجسٽرار پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ۽ ٻيا، محمد اڪبر بلوچ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سولر سسٽم فار واٽر سپلاءِ اينڊ ڊرينيج اسڪيمز، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ حڪومتِ سنڌ ۽ ٻيا، شعيب احمد گولا سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ڪوئيٽا، محمد رفيق ٻانڀڻ ۽ ٻين خلاف انڪوائريز جي منظوري شامل آهي. اجلاس ۾ 5 انويسٽيگيشنز جي منظوري ڏني وئي. جن ۾ اسپيشل انيشيئٽو ڊپارٽمينٽ سنڌ حڪومت جي آفيسرن، اهلڪارن، ميسرز پاڪ اوسز انڊسٽريز پرائيويٽ لميٽيڊ ۽ ٻيا، اسلم شاهه چيئرمين پي ايم ايس، جي آءِ بي اي، فريد احمد اڳوڻو مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي آءِ بي اي، الاٽمينٽ ڪميٽيءَ جي ميمبرن، فشريز ڊپارٽمينٽ جي انتظاميه ۽ ٻين، سهيل انور سيال، علي انور ۽ ٻيا، بلوچستان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي انتظاميه ۽ ٻين خلاف انويسٽيگيشنز جي منظوري شامل آهي. نيب جي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيب جي اها پاليسي آهي ته نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس بابت تفصيل عوام کي ڏنا وڃن، ان جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه آهي، نيب هڪ انسان دوست اِدارو آهي جيڪو قانون مطابق هر شخص جي عزت ۽ نفس جو احترام ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. نيب جون سڀ انڪوائريون ۽ انويسٽيگيشنز  الزامن جي بنياد تي شروع ڪيون وينديون آهن. نيب قانون مطابق سڀني لاڳاپيل ماڻهن کان انهن جو مؤقف معلوم ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ جانچ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي. جري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ نيب چيئرمين چيو ته ملڪ مان بدعنوانيءَ جو خاتمو ۽ ڪرپشن فري پاڪستان نيب جي اولين ترجيح آهي. نيب ”احتساب سڀني لاءِ“ جي پاليسيءَ تي قانون مطابق عمل پيرا آهي. نيب پنهنجي قيام کان هيل تائين 714 ارب رپيا واپس ڪرائي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن. هن هدايت ڪئي ته سڀني شڪايتن جي جاچ پڙتال، انڪوائريون ۽ انويسٽيگيشنز پڪن ثبوتن جي بنياد تي قانون مطابق مقرر وقت اندر منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آندا وڃن. هوڏانهن سهيل انور سيال چيو آهي ته مون کي ميڊيا ذريعي خبر پئي آهي ته منهنجي خلاف نيب انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، نيب کي چئلينج ٿو ڪريان ته الزام ثابت ڪري. ٻي پاسي سينيٽ جي ڊپتي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي شڪر آهي منهنجي بيانن کان پوءِ ريفرنس داخل ٿي ويو، ان تي نيب کي مبارڪون ڏيان ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو