190

سينيٽ چونڊن لاءِ مهم جو وقت ختم، چونڊ سرگرمين تي پابندي لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊن لاءِ چونڊ مهم جو وقت ختم ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊ سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. رپورٽن مطابق اليڪشن ايڪٽ 2017 جي شق 182 تحت سومر جي رات 12 وڳي سينيٽ جي چونڊ مهم جو وقت ختم ٿي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن مطابق هاڻي چونڊ سرگرمين تي پابندي هوندي ۽ جيڪڏهن ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته اميدوارن خلاف اليڪشن ايڪٽ 2017 جي شق 182 تحت سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو