لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊ ۾ آصف زرداري تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هو گذريل چونڊ ۾ پنهنجو ڪمال ڏيکاري چڪو آهي. لائيو اسٽاڪ جي صوبائي وزير حسنين بهادر دريشڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته اسان ن ليگ جي تڪراري موقف کي گهر ڀيڙو ڪرڻ چاهيون ٿا، پارليامينٽ ميمبرن کي نه، شهباز شريف ملڪ سان محبت تحت نه پر ڪرپشن الزامن سبب جيل ۾ آهي، سينيٽ چونڊن ۾ آصف علي زرداري تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل چونڊن ۾ هو پنهنجو ڪمال ڏيکاري چڪو آهي ۽ ماضي ۾ ن ليگ کي بلوچستان ۾ رڳڙو لڳائي چڪو آهي.
