18

سينيٽ چونڊن ۾ اسٽيبلشمينٽ غيرجانبدار نظر اچي رهي آهي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد (م ڊ) پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نظر اچي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ غيرجانبدار آهي. مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کانپوءِ يوسف رضا گيلاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آئون پي ڊي ايم جي سمورين پارٽين جو ٿورائتو آهيان جن گڏيل طور تي مون کي اميدوار چونڊيو آهي. مون پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن جو سٺو رد عمل مليو آهي اها سوڀ جمهوري طاقتن جي  هوندي.، يوسف رضا گيلاني چيو ته اڄ عمران خان وزيرن سميت پنهنجن ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سان ملي رهيو آهي ان جو سبب مان ئي آهيان. منهنجو جهانگير ترين سان ڪوبه رابطو نه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ملاقات ٿي آهي. هو منهنجو مائٽ آهي اهو چوڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته مون کي نظر اچي رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ غير جانبدار آهي(ن) ليگ مون کي ووٽ ڏئي وزيراعظم بنايو هو ۽ هاڻ به(ن) ليگ حمايت ڪري رهي آهي. مون کي ان وقت به لاڳاپن جي بنياد تي ووٽ مليا ۽ هاڻ به ان ڪارڪردگي تي ووٽ ملندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو