43

سينيٽ چونڊون: ايم ڪيو ايم جو وفاق ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ رهڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان سينيٽ چونڊن ۾ وفاق ۾ اتحادي پارٽي تحريڪ انصاف سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلز پارٽي پاران متحده کي يوسف رضا گيلاني جي سيٽ تي حمايت عيوض سنڌ ۾ سينيٽ جي ٻن سيٽن جي آڇ تي ايم ڪيو ايم 12 ڪلاڪن دوران رابطا ڪميٽي جا 2 اهم اجلاس سڏايا. ذريعن مطابق بهادر آباد مرڪز ۾ رات دير جو ختم ٿيل اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سينيٽ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف سان گڏ اتحاد برقرار رکيو ويندو ۽ اسلام آباد ۾ يوسف رضا گيلاني جي سيٽ تي پيپلز پارٽي جي حمايت نه ڪئي ويندي، جڏهن ته مستقبل ۾ سنڌ جي سطح تي پيپلز پارٽي سان رابطا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو