141

سينيٽ چونڊون: تحريڪ انصاف جي 52، ن ليگ جي 19 ۽ پيپلز پارٽي جي 18 ميمبرن فارم جمع ڪرايا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 3 مارچ تي سينيٽ جي چونڊن لاءِ سڀ وڌيڪ اميدوار پاڪستان تحريڪ انصاف ميدان ۾ لاٿا آهن، جنهن جو تعداد 52 آهي، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) 19 ميمبرن سان ٻي نمبر تي آهي. ڪل 170 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. پ پ پ 18 اميدوارن سان ٽئين نمبر تي آهي. بلوچستان کان حڪمران بي اين پي 16، پي ٽي آءِ 2، جماعت علماءِ اسلام (ف) 5، بي اين پي مينگل 5، عوامي 2، اي اين پي 3، آزاد 2، جمهوري وطن پارٽي، هزاره ڊولپمينٽ پارٽي هڪ هڪ اميدوار ميدان ۾ لاٿو آهي. خيبرپختونخوا کان پ ٽي آءِ 23، پ پ پ 3، اي اين 3، جي يو آءِ 8، مسلم ليگ (ن) 3، جماعت اسلامي هڪ ۽ آزاد اميدوار 9 ميدان ۾ آهن. سنڌ مان پ پ پ جا 14، ايم ڪيو ايم 10، پي ٽي آءِ 12، جي ڊي اي 2 ۽ تحريڪ لبيڪ جو هڪ اميدوار ميدان ۾ آهي. اهڙي طرح پنجاب کان پي ٽي آءِ 15، مسلم ليگ (ن) 12 مسلم ليگ ق هڪ اميدوار سان ميدان ۾ آهي. اسلام آباد کان پ پ پ هڪ، پي ٽي آءِ 5 ۽ مسلم ليگ (ن) جا 4 اميدوار ميدان ۾ آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو