190

سينيٽ چونڊون: پاڪستان پيپلز پارٽي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سينيٽ چونڊن لاءِ نامزد اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ فاروق ايڇ نائيڪ، شيري رحمان، سليم مانڊوي والا، پلوشا خان، خير النساءَ مغل، ڄام مهتاب ڏهر، دوست علي، رخسانه شاهه، تاج حيدر، شهادت اعواڻ ۽ ٻيا ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس پهتا. پيپلز پارٽي پاران فاروق ايڇ نائيڪ، شيري رحمان، سليم مانڊوي والا، شهادت اعواڻ، تاج حيدر ۽ ٻين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به پارٽي اڳواڻن سان گڏ هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو