159

سينيٽ چونڊون: پي ڊي ايم اميدوار يوسف رضا گيلاني وزيراعظم عمران خان کان به ووٽ گهري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وڏي ايوان سينيٽ ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي اسلام آباد واري سيٽ تي اميدوار اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو آهي. يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي ميمبرن کي لکيل خط وزيراعظم عمران خان کي به اماڻيو، جنهن ۾ هن وزيراعظم عمران خان کان سينيٽ چونڊن ۾ حمايت گهري آهي. خط جي متن مطابق اميد آهي 3 مارچ تي منهنجي ڪردار ۽ سياست کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندا، اڄ جيڪو فيصلو ڪندا اهو اسان جي مستقبل جي رخ کي طئي ڪندو. يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ وارو فيصلو تمام گهڻو سوچي سمجهي ڪيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو