165

سينيٽ چونڊ اوپن بيلٽ سان نٿي ڪرائي سگهجي، چونڊ عمل مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي: سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي راءِ ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ پنهنجي راءِ ۾ چيو آهي ته سينيٽ چونڊون آئين جي تابع آهن، ان ڪري هي چونڊ آئين مطابق ٿيندي. رپورٽن مطابق سپريم ڪورٽ ڄاڻايل راءِ 4/1 تحت ڏني آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي هڪ جج جسٽس يحييٰ آفريدي پنهنجي راءِ جو اظهار الڳ سان لکت طور ڪندو. عدالت پنهنجي راءِ ۾ چيو آهي ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي نٿيون ڪرائي سگهجن، ان ڪري هي چونڊون قانون بدران آئين تحت ٿينديون، سپريم ڪورٽ پنهنجي راءِ ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن شفاف چونڊن لاءِ سمورا قدم کڻي سگهي ٿي، چونڊ عمل مان ڪرپشن ختم ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، سمورا ادارا اليڪشن ڪميشن سان سهڪار جا پابند آهن، اليڪشن ڪميشن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ سموري ٽيڪنالاجي جو استعمال به ڪري سگهي ٿي. اعليٰ عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ اختيار آهي ته هو ڪرپٽ پريڪٽس خلاف ڪارروائي ڪري، سموريون ايگزيڪٽو اٿارٽيون اليڪشن ڪميشن سان سهڪار جون پابند آهن، اليڪشن ڪميشن 218 تحت ڪرپشن روڪڻ لاءِ سمورا قدم کڻي. چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جو چوڻ هو ته هن وقت عدالت مختصر فيصلو جاري ڪيو آهي ۽ تفصيلي سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا. معزز چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏئي چڪي آهي ته سيڪريسي ڪڏهن به ڳجهي رهي نٿي سگهي ۽ ووٽ هميشه لاءِ ڳجهو رهي نٿو سگهي، ووٽنگ ۾ ڪنهن حد تائين سيڪريسي هجڻ گهرجي، اهو تعين ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو