233

سينيٽ چونڊ اوپن ٿئي ها ته منڊي بازار هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي ها: چوڌري سرور

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊ اوپن ٿئي ها ته منڊي بازار هميشه لاءِ ختم ٿي وڃي ها. گورنر هائوس ۾ هڪ تقريب ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري سرور چيو ته سينيٽ چونڊن کانپوءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهين تي آڱريون کڄي رهيون آهن، ان لاءِ جيستائين قانون ۾ تبديليون نه اينديون اهو ڪاروبار هلندو رهندو.هن چيو ته اهو نه ٿيڻ گهرجي ته فيصلو حق ۾ اچي ته عدالتون صحيح، مخالفت ۾ اچي ته غلط، نئين قانونسازي سان سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت ايندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو