121

سينيٽ چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جاري، اميدوارن جو رڪارڊ نيب چيڪ ڪندو، خصوصي سيل به قائم،ڪيسن ۾ سزا هيٺ آيل ڪو به اميدوار سينيٽ جي چونڊ نه وڙهي سگهندو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سينيٽ جي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جاري ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، جڏهن ته  اميدوارن جو ريڪارڊ نيب چيڪ ڪندو، جنهن لاءِ خصوصي سيل به قائم ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  نيب جي ڪيسن ۾ سزا هيٺ آيل ڪو به اميدوار سينيٽ جي چونڊ نه وڙهي سگهندو. جنهن ڪري اهڙن اميدوارن جو پتو لڳائڻ لاءِ نيب سينيٽ چونڊ جي اميدوارن جو ريڪارڊ چيڪ ڪندو. جنهن کان پوءِ انهن بابت ڪليئرنس اليڪشن ڪميشن کي موڪليندو. چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جو ريڪارڊ چيڪ ڪرڻ لاءِ نيب  ڊائريڪٽر آپريشنز  غلام صفدر شاهه جي نگراني هيٺ خصوصي سيل پڻ قائم ڪري ڇڏيو آهي. ٻي پاسي سينيٽ جي 11 مارچ تي خالي ٿيندڙ 52 مان 48 سيٽن تي چونڊن لاءِ اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ وٺڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جيڪو ڇنڇر تائين جاري رهندو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ اميدوارن جي شروعاتي لسٽ 14 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ 15 ۽ 16 فيبروري تي ٿيندي. نامزدگي ڪاغذ منظور يا رد ڪرڻ خلاف اپيلون 17 فيبروري تي داخل ڪري سگهبيون ۽ 19 فيبروري تي ٽربيونل طرفان اپيلون اڪلايون وينديون. اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 21 فيبروري ۽ نامزدگي ڪاغذ 22 فيبروري تي واپس وٺي سگهبا، پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو