اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) سينٽ جي چونڊن ۾ وڏو اپ سيٽ ٿي ويو آهي جنهن هيٺ پاڪستان پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ پي ڊي ايم جي اميدوار يوسف رضا گيلاني ڀرپور ڪاميابي ماڻي حڪومتي اميدوار حفيظ شيخ کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. اربعا ڏينهن سينيٽ جي 37 سيٽن لاءِ قومي اسيمبلي، سنڌ اسيمبلي، خيبرپختونخوا اسيمبلي ۽ بلوچستان اسيمبليءَ ۾ ميميرن ووٽ وڌا. جڏهن ته پنجاب ۾ سمورا سينيٽ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا هئا. سينيٽ لاءِ سنڌ ۾ 11، خيبر پختونخوا ۾ 12 ۽ بلوچستان ۾ پڻ 12 سيٽن تي چونڊ ٿي. سينيٽ جي چونڊن ۾ سڀ کان اهم مقابلو اسلام آباد جي جنرل سيٽ تي ٿيو ، جتي پي ڊي ايم جو يوسف رضا گيلاني ۽ پي ٽي آءِ جو ناڻي وارو مشير حفيظ شيخ اميدوار هو. پي ڊي ايم جي اميدوار يوسف رضا گيلاني کي 169 ووٽ کڻي کٽي ويو ۽ سندس مقابلي ۾ حڪومتي پارٽي پي ٽي آءِ جي اميدوار حفيظ شيخ 164 ووٽ کڻي هارائي ويو، اهڙي ريت پي ڊي ايم جي اميدوار کي حڪومتي اميدوار جي ڀيٽ ۾ 9 ووٽ وڌيڪ مليا. اسلام آباد جي ان جنرل سيٽ لاءِ پيل ووٽن مان 7 ووٽ خارج پڻ ٿي ويا، عورتن جي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي فوزيه ارشد کي 174 کڻي کٽي وئي. جڏهن ته ن ليگ جي فرزانه ڪوثر هارائي وئي، قومي اسيمبليءَ جي 340 ميمبرن ووٽ ڏنا، عورتن جي سيٽ تي 5 ووٽ خارج ٿيا. قومي اسيمبليءَ ۾ حڪومتي ميمبرن جو ڪل انگ 180 آهي پر حڪومتي اميدوار کي 9 ووٽ گهٽ مليا، جڏهن ته 7 خارج ٿي ويا. اهڙي ريت پوري ملڪ ۾ پي ٽي آءِ 13، پيپلز پارٽي 8 سيٽون کٽيون. پيپلز پارٽي 7 سيٽون سنڌ مان ۽ هڪ اسلام آباد مان کٽي، اي اين پي هڪ سيٽ بلوچستان مان ۽ هڪ ڪي پي ڪي مان کٽي، بلوچستان عوامي پارٽي سموريون 6 سيٽون بلوچستان مان ئي کٽيون، ايم ڪيو ايم ڪل 2 سيٽون سنڌ مان ئي کٽيون، جي يو آءِ ڪل 2 سيٽون بلوچستان مان ئي کٽيون، بلوچستان نيشنل پارٽي رڳو هڪ بلوچستان مان ئي کٽي سگهي.جڏهن ته 2 آزاد اميدوار پڻ ڪامياب ٿيا آهن. اهڙي ريت پنجاب جي بنا مقابلي مليل سيٽن سميت پي ٽي آءِ کي ڪل 18، پاڪستان پيپلز پارٽي کي 8، ن لگ کي 5 سيٽون مليون، سينيٽ ۾ هاڻي مخالف ڌر جي ڪل سيٽن جو انگ 53 ۽ حڪومتي پارٽي جو اتحادين سميت انگ 47 ٿي ويو آهي. ٻي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پ پ اميدوار يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين جي ڪاميابي تي هڪ ٽويٽ ۾ چيو ته جمهوريت بهترين پلاند آهي، جنهن کان پوءِ ڪامياب ٿيل اميدوار يوسف رضا گيلاني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي پي ڊي ايم تاريخي سوڀ آهي، گيلاني هاڻي سينيٽ جو چيئرمين پڻ چونڊجندو. هي پاڪستان جي سمورين جمهوري قوتن جي سوڀ آهي، پاڪستان ۾ نئون جمهوري دور جي شروعات آهي، جلد ئي ظالم حڪومت کي گهر موڪلي ڇڏينداسين، چون ٿا ته عمران خان رانديگر آهي، هاڻي عمران خان کي شڪست مڃڻ گهرجي ۽ کيس پاڻ ئي استعفا ڏيڻ گهرجي. اسان حڪومت کي هر ميدان ۾ شڪست ڏني آهي، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي پنهنجي هارائڻ جي ڄاڻ هئي ان ڪري ئي اها ان کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. اسين ڄاڻندا آهيون ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي آهي پر پوءِ به اسان چونڊن ۾ حصو وٺندا آهيو. اسان گڏجي پهرين ننڍي چونڊ وڙهي ۽ پوءَ سينيٽ جي چونڊ وڙهي ۽ انهن ۾ ڪاميابي پڻ ماڻي. اسان جو مقصد هن ڪٺ پتلي حڪومت کي ختم ڪرڻو آهي، جتي به ظلم ٿئي اتي جمهوريت ئي بهترين پلاند آهي. هي ناڻي واري ان وزير جي ناڪامي آهي جيڪو ملڪ جي معيشت کي هلائي رهيو آهي. پي ڊي اي ايم سينيٽ جي چونڊن کان اڳ ئي اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته سينيٽ چونڊ کان پوءِ بي اعتمادي رٿ به ايندي، لانگ مارچ پڻ ٿيندو،
