33

سينٽر فار پيس اينڊ ڊويلپمينٽ انيشيئيٽوز پاڪستان ۾ بجيٽ اندر شفافيت جي صورتحال بابت رپورٽ جاري ڇڏي

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) سي پي ڊي آءِ پاران پاڪستان ۾ بجيٽ سازي جي عمل ۾ شفافيت جي صورتحال بابت سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي، رپورٽ ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ ڪيل ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ بجيٽ مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ فردن (اسٽيڪ هولڊرز) سان مشاورت ڪري تيار ڪرڻ گھرجي ۽ سرڪار پاران بجيٽ سازيءَ ۽ بجيٽ تي عملدرآمد جي سڀني مرحلن متعلق شهرين کي پاڻمرادو معلومات فراهم ڪرڻ گھرجي. سھارو ھيومن ايڊ ايسوسيئيشن جي چيف آپريٽنگ آفيسر نثار احمد سومرو سٽيزن نيٽورڪ فار بجيٽ اڪائونٽبلٽي تحت ڪوٺايل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سٽيزن نيٽورڪ فار بجيٽ اڪائونٽبلٽي (سي اين بي اي) پاڪستان جي 110 ضلعن ۾ بجيٽ جي شفافيت بابت ڪم ڪندڙ 70 کان وڌيڪ سول سوسائٽي تنظيمن جو نيٽ ورڪ آهي. نثار سرمرو چيو ته سي پي ڊي آءِ هميشه بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ شفافيت لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، گذريل ڏهاڪي کان سي پي ڊي آءِ پاڪستان جي مختلف ضلعن ۾ بجيٽ سازيءَ جي عمل شفافيت جو وٺي رهي آهي پر هن سال وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ان عمل جو جائزو ورتو ويو آهي. هي رپورٽ نه صرف پاڪستان ۾ بجيٽ جي شفافيت جي صورتحال جو جائزو پيش ڪري ٿي پر ان سان گڏ اهو اندازو پڻ لڳائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي ته پاڪستان ۾ معلومات تائين رسائيءَ جو حق، بجيٽ بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ڪيترو مددگار آهي. نثار سومرو رپورٽ بابت ڳالهائيندي چيو ته هي رپورٽ ٻن حصن تي مشتمل آهي پهريون حصو وفاقي وزارتن ۽ صوبائي کاتن کان معلومات حاصل ڪرڻ ڪرڻ لاءِ موڪليل درخواستن جي باري ۾ آهي جنهن ذريعي بجيٽ سازيء جي عمل ۾ مختلف مرحلن بابت معلومات فراهم ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي جنهن جي ذريعي بجيٽ سازيء جي عمل ۾ شفافيت کي جانچڻ لاءِ چونڊيل وفاقي وزارتن ۽ صوبائي کاتن کي 150 درخواستون ڏنيون ويون، وفاق کي ڏنل 36 درخواستن مان صرف 6 درخواستن جو جواب آيو جڏهن ته چئني صوبن کي ڏنل 114 درخواستن مان خيبرپختونخواهه مان صرف 2 ۽ پنجاب مان 4 جواب حاصل ڪيا ويا جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان کان ڪنهن به درخواست جو جواب نه آيو ۽ نه ئي ڪا ڪاروائي ٿي سگھي. ٻيو حصو بجيٽ جي مجموعي دستاويز ۽ شهرين جي شرڪت بابت آهي هتي وفاقي حڪومت ڪل 181 نمبرن مان 71 نمبرن سان پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته پنجاب ٻئي نمبر ۽ بلوچستان ٽئين نمبر تي آهي. سنڌ ۽ خيبر پختونخواهه آخري ٻن نمبرن تي آهن وڌيڪ ڳالهائيندي توفيق وساڻ چيو ته هلندڙ سالن ۾ ”اوپن بجيٽ انڊيڪس“ تي پاڪستان جي افسوسناڪ ڪارڪردگيء بجيٽ سازيء جي عمل جي شفافيت ۽ شهرين جي شرڪت بابت صورتحال تي ڪيئي سوالن کي جنم ڏنو آهي. نثار سومرو چيو ته رپورٽ ۾ بجيٽ جي شفافيت بابت اٿاريل سوال غورطلب آهن ۽ سرڪار کي ان سلسلي ۾ ترت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي حڪومت پاران معلومات جي فراهميءَ جي معاملي تي سنجيدگيءَ سان توجهه ڏيڻ گھرجي ۽ بجيٽ بابت تجويزن کي وڏي پيماني تي شهري گروپن، سرڪاري ادارن ۽ اهم طبقن سان بحث ڪيو ڪيو وڃي، بجيٽ سازيء جي عمل ۾ شهرين جي شموليت کي قانوني تحفظ ملڻ گھرجي ۽ سرڪاري ادارن کي پابند بڻايو وڃي ته هو بجيٽ سازيءَ جي عمل ۾ شهرين کي ضرور شامل ڪن. ان موقعي تي نثار سومرو ۽ نصير چنا اهو مطالبو ڪيو ته بجيٽ سازي ۽ ان تي عمل درآمد جي سڀني مرحلن ۾ پارليمينٽ جي ڪردار ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ بجيٽ مالي سال جي شروع ٿيڻ کان گھٽ ۾ گھٽ ۾ ٽي مهينا اڳ اسيمبلين ۾ پيش ڪئي وڃي ۽ لاڳاپيل طبقن (اسٽيڪ هولڊرز) سان مشاورت ڪرڻ کان بعد وڌ کان وڌ معلومات جي فراهمي تي ٻڌل هڪ شفاف ۽ اوپن بجيٽ پاليسي واضع ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو