339

سُڌ سماءُ کاتي حيدرآباد جو رينجل ڊائريڪٽر زاهد مصطفيٰ ميمڻ ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو

 حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سُڌ سماءُ کاتي حيدرآباد جو رينجل ڊائريڪٽر زاهد مصطفيٰ ميمڻ ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو آهي، زاهد مصطفيٰ ميمڻ عالمي وبا ڪورونا جي لپيٽ ۾ اچڻ ڪري گذريل 5 ڏينهن کان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد جي  ڪورونا آئسوليشن وارڊ ۾ وينٽيليٽر تي هو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، هن وقت  سندس مڙهه کي قاسم آباد حيدرآباد ۾ موجود سندس رهائشگاهه تي منتقل ڪيو ويو آهي. سندس عمر 59 ورهيه هئي، پاڻ  ڏيپلائي ميمڻ هو، کيس ٻه پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد هو.5

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو