297

سپريم ڪورٽ پاران اي ٽي سي کي قانون مطابق پروين رحمان جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي کي اُڪلائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پاران دهشتگردي ٽوڙ عدالت کي هدايت ڪئي آهي ته اها اورنگي پائليٽ پروجيڪٽ جي سربراهه پروين رحمان جي قتل جي ڪيس کي قانون مطابق اُڪلايو وڃي، ميڊيا رپورٽ مطابق انهي ڪيس ۾ عبدالرحيم سواتي، ان جي پٽ محمد عمران سواتي ۽ ٽن ٻين جوابدارن اياز شامزئي عرف سواتي، امجد حسين خان۽ احمد عرف احمد علي عرف پپو ڪشميري تي پروين رحمان جي قتل جو الزام لڳايو ويو هو. ياد رهي ته پروين رحمان کي 13 مارچ 2013ع تي اورنگي ٽائون ۾ ان جي آفيس سامهون گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو