اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن آئين کان نه ڪنهن ٻئي کان هدايتون وٺي رهي آهي، لڳي پيو ته جمهوريت هاڻي ترجيح ناهي رهي. سپريم ڪورٽ ۾ بلدياتي چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ واري معاملي تي اٽارني جنرل، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي ترت طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته بلدياتي چونڊون ڇو نه پيون ڪرايون وڃن؟ عوام کي جمهوريت کان ڇو محروم رکيو پيو وڃي؟ بلدياتي چونڊون نه ڪرائي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن پنهنجو حلف ناهي ڏٺو؟ ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر آئين ناهي پڙهيو؟ اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ اٽارني جنرل جيڪڏهن وزيراعظم سان گڏ آهي ته ان کي ٻڌايو ته آئين وڌيڪ اهم آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران وقفو ڪيو ويو ته ان دوران اٽارني جنرل خالد جاويد، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر سپريم ڪورٽ پهچي ويا. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته لڳي ٿو ته هاڻي جمهوريت ترجيح ناهي رهي، اٽارني جنرل خالد جاويد جواب ڏنو ته جمهوريت ئي اولين ترجيح آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي سندس حلف ياد ڪرائڻ چاهيون ٿا، عدالت صوبي ۾ بلدياتي چونڊن جو حڪم ڏنو هو، ڇا اوهان بلدياتي چونڊن بابت حڪومت کي آگاهه ڪيو هو؟ ڇا معاملو ڪابينا سامهون آندو ويو، عدالت چاهي ٿي ته هر ڪو پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري اٽارني جنرل ٻڌايو ته معاملو ڪابينا سامهون رکڻ جي ضرورت ناهي، منهنجي مشوري تي ئي حڪومت ميئر اسلام آباد بابت نوٽيفڪيشن واپس ورتو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر پنجاب ۾ بلدياتي ادارن کي ٽوڙڻ واري عمل کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو ته پنجاب حڪومت بلدياتي حڪومتن کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، پنجاب جي صوبائي حڪومت جو اهو قدم غيرقانوني هو. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته پنجاب حڪومت خلاف غيرآئيني قدم تي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ڏنو ته پنجاب حڪومت نئون بلدياتي قانون جوڙي ورتو آهي. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته توهان آئين تي عمل نٿا ڪرائي سگهو ته صاف ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس فائز عيسيٰ خيبرپختونخواهه کي ڪي پي چوڻ تي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان آئيني عهديدار آهيو، صوبي جو نالو خيبرپختونخواهه ڇو نٿا وٺو؟ صوبي جي عوام ۾نفرتون نه پکيڙيو. جسٽس فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته لوڪل باڊي اليڪشن ڪرائڻي آهي؟ چيف اليڪشن ڪمشنر جواب ڏنو ته خيبرپختونخواهه ۾ 8 اپريل تي بلدياتي چونڊون ڪرائينداسين. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊون ڪڏهن ڪرائيندا؟ ٽنهي صوبن ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيو، اليڪشن پنجاب حڪومت خلاف لوڪل حڪومتون ٽوڙڻ تي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ ڪميشن وٽ ايترا وسيع اختيار آهن، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ به بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ته اليڪشن ڪميشن اسان کي به انڪار ڪري سگهي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس فائز عيسيٰ آرٽيڪل 6 جو حوالو ڏيندي چيو ته آئين تي عملدرآمد ۾ رڪاوٽ وجهندڙ سنگين غداري جا ڏوهاري بڻجي رهيا آهن، لڳي ٿو ته اليڪشن ڪميشن آئين کان نه پر ڪنهن ٻئي کان هدايتون وٺي رهي آهي، اوهان اليڪشن نٿا ڪرائي سگهو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪورونا باوجود ضمني چونڊون ڪرايون. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ضمني چونڊون ڪرائي اوهان قوم تي احسان ناهي ڪيو، ڇا ضمني چونڊون ڪرائڻ تي قوم اوهان کي خراج تحسين پيش ڪري؟ اليڪشن ڪميشن جو وجود ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ آهي. جسٽس مقبول باقر چيو ته قوم تي تمام گهڻو ظلم ٿي چڪو، وڌيڪ نه ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اوهان زميني سطح تائين عوام کي اختيار نه ڏيندا ته ڪم ڪيئن هلندو؟ ملڪ ۾ خطرناڪ صورتحال آهي، قدرت اوهان کي موقعو ڏنو آهي ته پنهنجي ذميواري پوري ڪريو. چيف اليڪشن ڪمشنر ٻڌايو ته ڪي پي حڪومت هن وقت تائين رولز ناهي جوڙيا، خيبرپختونخواهه جي بلدياتي حڪومت 25 آگسٽ 2019ع ۾ ختم ٿي پر نوان بلدياتي قانون نه جوڙيا ويا. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ڇا هر ڀيري چونڊ ڪرائڻ لاءِ نوان رولز جوڙيا ويندا؟ اوهان آئين نه پر ڪنهن ٻئي جا تابع لڳو پيا، جمهوريت نه هجڻ ڪري ملڪ برباد ٿيو. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اوهان آئيني اداري جا سربراهه آهيو، 2 سال مڪمل ٿي ويا، اوهان آفيس ۾ ڇا ڪندا آهيو؟ چونڊن جون تاريخون ڇو نه پيا ٻڌايو؟ اوهان جنهن ڪتاب تي حلف کڻندا آهيو ان جو ڪو مطلب آهي يا نه؟ آخري چونڊون جنرل اليڪشن 2018ع ۾ ٿيون، تڏهن کان اليڪشن ڪميشن فارغ ويٺي آهي، اليڪشن ڪميشن جو وجود ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جو نالو آئين ۾ موجود آهي، پنهنجي طاقت سڃاڻو، اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته ڪيستائين لوڪل باڊي اليڪشن ڪرائڻي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ڪي پي ۾ 18 اپريل تي بلدياتي چونڊون ڪرائينداسين. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کان پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بلدياتي چونڊن جو شيڊول طلب ڪندي هدايت ڪئي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ميمبرن سان گڏ گڏجاڻي ڪري اليڪشن شيڊول واري معاملي تي بحث ڪري، گڏجاڻي منٽس تي اڳڀرائي رپورٽ ايندڙ 4 فيبروري تي جمع ڪرائي.
