لاڙڪاڻو (رپورٽ :اياز ساريو) بي گهر نه ڪيو! لاڙڪاڻو ۾ رائيس ڪئنال سميت ٻين واهن جي ڪپرن ۽ ايريگيشن ڪالوني ۽ لاهوري ريگيوليٽر جي رهواسين طرفان ٽن هنڌن تي احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، روڊ بلاڪ، 18 تاريخ تي گهر مسمار ڪيا ويندا، بچايو وڃي، رهواسين جي گهر تفصيل موجب لاڙڪاڻي ۾ گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي رائيس ڪئنال، آبڙو واھه ۽ گهاڙ واھه جي سوين رهواسين، لاهوري ريگيوليٽر ۽ ايريگيشن ڪالوني جي رهواسين آفيس اڳيان وي آئي پي روڊ تي ڌرڻا هنيا، جنهن کانپوءِ مظاهرين گڏجي لاهوري ريگيوليٽر وٽان هٿن ۾ پاڪ ڪتاب، ڪارا جهنڊا ۽ پلي ڪارڊ کڻي ريلي ڪڍي جيڪا ايريگيشن آفيس اڳيان ٿيندي جناح باغ چوڪ وٽ پهتي، جتي مظاهرين پاران گڏيل ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن محمد قاسم چانڊيو، علي اڪبر تنيو، ڊاڪٽر سليم ميراڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار چانڊيو، محمد مٺل جوڻيجو، لعل جان لاشاري، نعيم ميمڻ، غلام سرور شيخ، اختر حسين لاڙڪ، منٺار ڀٽو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر مان گذرندڙ رائيس ڪئنال، گهاڙ واهه ۽ آبڙو واهه جي ٻنهي ڪپرن تي تقريبن 50 ايڪڙ ايراضي تي اسان جا 10 هزار کان مٿي گهر ٺهيل آهن، جن ۾ تقريبن 2 لک ماڻهو رهن ٿا، جيڪي بجلي ۽ گئس به استعمال ڪندا آهن، اسان گذريل 40 کان 45 سالن کان وٺي هتي رهندڙ آهيون، رائيس ڪئنال جي ٻنهي طرفن کان اڳ به گهر ڊاهي 60 فوٽ ويڪرا روڊ تعمير ڪرائي حڪومت اربين رپيا خرچ ڪيا آهن. جڏهن ته گهاڙ وارھه ۽ آبڙي واھه جي ٻنهي ڪپرن کان 40 فوٽ ويڪرا روڊ پڻ تعمير ٿيل آهن ۽ روڊن سان گڏ 6 فوٽ ناليون به ٺهيل آهن. هنن وڌيڪ چيو ته شهر جي ايريگيشن ڪالوني ۾ به اسان 60 سالن کان رهون ٿا، پر اسان کي انتظاميه بي گهر ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، جڏهن ته اسان جون عدالت سڳوري ۾ نظر ثاني لاءِ پڻ درخواستون داخل ڪرايل آهن. هنن ٻڌايو ته انتظاميا طرفان 18 نومبر تائين گهر خالي ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو ويو آهي. اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته فيصلي تي نظرثاني ڪري اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت کان پڻ گهر ٿا ڪريون ته سنڌ ڪچي آبادي تحت 1997ع کان اڳ جي رهواسين کي ڪچي آبادي طور تسليم ڪري گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال شروع ڪئي ويندي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو چيو ته في الحال اسان کي ڪا به خبر ناهي، اهو سڄو ڪم ايريگيشن کاتي وارن جو آهي، هو جيئن چوندا اسان ان تي عمل ڪرائينداسين.
