108

سکر ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جون تياريون مڪمل، 464 پولنگون انتهائي حساس، سيڪيورٽي پلان تيار

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ڊويزن ٽن ضلعن جي2203 پولنگ اسٽيشن مان 464 انتھائي حساس 1199 حساس قرار سيڪيورٽي پلان 12 ھزار پوليس ۽ رينجرز جا اھلڪارمقرر،سکر ضلعي ۾ 124 انتھائي حساس ۽ 249 پولنگ اسٽيشن حساس قرار اڄ  ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان سکر ڊيويزن جي ٽن ضلعن خيرپور ،گھوٽڪي ۽ سکر ۾ حفاظتي انتظام مڪمل ڪندي ڊيويزن جي 2203 پولنگ اسٽيشن مان 464 پولنگ اسٽيشن کي انتھائي حساس جڏھن ته 1199 پولنگ اسٽيشن کي حساس قرار ڏيندي  سيڪورٽي جي لاءِ 12 ھزار پوليس ۽ رينجرز جا اھلڪارن جون ڊيوٽيو لڳايون ويون آھن، جڏھن ته اليڪشن واري ڏينھن تي فوج اسٽينڊ باءِ رھندي.  انتھائي حساس پولنگ اسٽيشن تي پوليس ۽ رينجرز اھلڪار جو وڌيڪ انگ انگ مقرر ڪيو ويو آھي.سکر ضلعي جي647 پولنگ اسٽيشن مان 124 انتھائي حساس 249 پولنگ اسٽيشن حساس جڏھن ته 272 نارمل پولنگ اسٽيشن آھن، ضلعي ۾ 2438 پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن.حساس پولنگ اسٽيشن تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون پڻ لڳايون ويون آھن. انتظاميا جو چوڻ آھي ته اليڪشن واري ڏينھن پولنگ اسٽيشن ۾ اميدوار اڪيلا ويندا غير واسطيدار ماڻھن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه ھوندي ۽ پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ لٺيون ڌماڪيدار مادو ۽ ھٿيار کڻي اچڻ جي اجازت نه ھوندي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتارڪيو ويندو. اسلاميان ڪاليج مان اليڪشن جو سامان  مختلف پولنگ اسٽيشن جي عملي ڏنو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو